نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارت پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي خود مختياري ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي ميانمار ۾ ڊرون حملا ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي عليحدگي پسند تنظيم يونائيٽيڊ لبريشن فرنٽ آف آسام (اُلفا) چيو آهي ته ڀارتي فوج سرحد پار ميانمار ۾ تنظيم جي ڪيمپ تي ڊرون حملا ڪيا.
تنظيم جو چوڻ آهي ته ڀارتي حملن ۾ ان جا 3 اعليٰ ڪمانڊر مارجي ويا، جڏهن ته تنظيم جا ڪجهه ٻيا ماڻهو ۽ عام شهري زخمي ٿيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي فوج يا ٻين سرڪاري اختيارين طرفان اڃا تائين ڊرون حملن جي تصديق ناهي ڪئي وئي.
واضح رهي ته يونائيٽيڊ لبريشن فرنٽ آف آسام ڀارتي رياست آسام جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.
الفا چيو آهي ته ڀارتي فوج اروناچل پرديش جي ڪيمپن تان حملا ڪري رهي آهي، ڀارتي فوج جي وحشياڻي حملن جو پلاند ضرور وٺنداسين.
You might also like