ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي چيو آهي ته ملڪ ۾ اڄ کان چوماسي جو نئون سسٽم داخل ٿي رهيو آهي، جيڪو 17 جولاءِ تائين مختلف علائقن ۾ برساتن جو سبب بڻجندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ان دوران پنجاب جي وچين ۽ مٿانهن علائقن ۽ اسلام آباد ۾ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ سنڌ جي علائقن سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ ڪراچي ۾ 15 کان 17 جولاءِ دوران برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ 13 کان 16 جولاءِ تائين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
You might also like