پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان يوڪرين تڪرار تي روس جي فيصلن جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اتر ڪوريا جي شهر وونسان ۾ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ روس اتر ڪوريا جي سلامتي ۽ خود مختياري کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي مخالفت جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي اتر ڪوريا ۽ روس هڪ ٻئي جي علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو.
روسي پرڏيهي وزير چيو ته اتر ڪوريا سان اسٽريٽيجڪ ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا.
You might also like