ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ طرفان حڪم سامهون آيو آهي ته گٽڪو ۽ مائو کائيندڙ پوليس اهلڪارن جي فهرست تيار ڪئي وڃي.
آءِ جي سنڌ سڄي صوبي ۾ گٽڪو، مائو کائيندڙ اهلڪارن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، پوليس اهلڪارن کي گٽڪو ۽ مائو ڇڏڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت ڏني ويندي، غلام نبي ميمڻ نشو نه ڇڏيندڙ اهلڪارن خلاف محڪماڻي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.
