پاڪستان ۽ ايران جي سرحد بلوچ نسلي اقليت جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ماضيءَ جي حملن ۾ نشانو بڻيل ٽنهي گروهن جهڙوڪ جيش العدل، بلوچستان لبريشن فرنٽ ۽ ايران ۾ بلوچستان لبريشن آرمي حڪومتن جي خلاف پرتشدد مهم هلائڻ ۾ مشغول رهيون آهن. انهن گروهن جي سرتوڙ ڪوشش رهي آهي ته اهي بلوچ خودمختاري ۽ بلوچ اقليتن جي حقن ۽ زندگي جي حالتن کي بهتر بڻائن. ٽنهي گروهن جي وچ ۾ ڪجهه اهم اختلاف به آهن، جيئن ته خراسان ڊائري جي ريسرچ ڊائريڪٽر ريڪارڊو ويل ووڪس جي مطابق ”بي ايل اي ۽ بي ايل ايف“ وسيع قومپرست بلوچ بغاوت جو حصو آهن، جڏهن ته جيش العدل هڪ جهادي تنظيم آهي، جنهن جو علائقائي دائرو حملن جي لحاظ کان ايران تائين محدود آهي ۽ جيش العدل کي متبادل اسپيلنگ طور استعمال ڪيو ٿو وڃي يا سمجهيو ٿو وڃي ته اهو گروھ قومپرست ۽ سني پڻ آهي ۽ ايران جي شيعه مسلم انقلابي حڪومت لاءِ خطرو آهي. جڏهن ته بلوچستان لبريشن فرنٽ ۽ بلوچ لبريشن آرمي صرف پاڪستان کان ڌار ٿيڻ ۽ هڪ آزاد بلوچستان قائم ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته جيش العدل هڪ سني جهادي ويڙهاڪ گروپ آهي، جنهن جو ايران علائقائي مرڪز آهي، جنهن جو مقصد نه صرف سيستان جي آزادي حاصل ڪرڻ آهي، پر ايراني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ پڻ آهي.
بلوچ سماج قبائلي خطن تي محيط ۽ منظم آهي ۽ بلوچ آباديءَ جي وچ ۾ ويڙھ ڪجهه حد تائين گروهي سياسي طاقت جي کوٽ ۾ حصيدار به آهي، هيءَ آبادي صدين کان مختلف سلطنتن جي ماتحت رهي آهي. بلوچ علحدگي پسند تحريڪون ڏهاڪن کان خطي جي سياسي ڍانچي جو حصو رهيون آهن، پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ۾ موجود آهن (جتي 20 سيڪڙو بلوچ آبادي رهي ٿي، اٽڪل 70 سيڪڙو پاڪستاني علائقي ۾ آهن). ٻنهي قومن جي وچ ۾ وڌندڙ غيرمحفوظ ۽ ناقص پوليس واري سرحد جو مطلب اهو آهي ته منشيات جي اسمگلنگ سبب ڪيترن ئي باغي گروپن کي پيسا ٺاهڻ جو موقعو مهيا ڪرڻ آهي، خاص طور تي تحريڪ طالبان جيڪا پاڪستاني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ چاهي ٿي. جيش العدل ايران مخالف بلوچ گروپ آهي، جنهن اسلامڪ ريووليوشنري گارڊ ڪور پاڪستان کي به نشانو بڻايو، اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته اهو اڳوڻو بلوچ گروپ جندالله مان اڀريو آهي، جنهن ايراني حڪومت تي پرتشدد حملا ڪيا، جن ۾ اڳوڻي ايراني صدر محمود احمدي نزاد جي 2003 ۾ قتل جي ڪوشش به شامل هئي.
ماضي جي حملن ۾ ايران دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان ڊرون ۽ ميزائلن جو استعمال ڪندي ايراني سرحد جي ويجهو باغي گروھ جي 9 ميمبرن کي ماريو آهي، جتي انهن گروھن پناھ ورتي هئي، ايراني سرڪار جيش العدل جي خلاف ڏکڻ اوڀر واري صوبي سيستان بلوچستان ۽ پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ ڪيترن ئي سالن کان آپريشن پڻ ڪيو آهي ته جيئن ايرن ۾ بلوچن لاءِ بهتر حقن ۽ زندگين جون حالتون محفوظ ڪيون وڃن ۽ آخر ۾ ايران جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو وڃي. جيش العدل ايران جي شهر راسڪ ۾ پوليس اسٽيشن تي حملي جي ذميواري به قبول ڪئي هئي، جنهن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا هئا. ان جي بدلي ۾ پاڪستان بلوچستان لبريشن آرمي ۽ بلوچستان لبريشن فرنٽ کي نشانو بڻايو، جيڪي ٻه گروھ پاڪستان تي حملا ڪندا رهن ٿا، اهي هڪ الڳ بلوچ رياست جو مطالبو به ڪندا رهن ٿا ۽ پاڪستاني حڪومت کي بلوچستان اندر معدنيات جي استحصال تي روڪ ڪيون ويٺا آهن. جن تي چين به صوبي اندر هلندڙ منصوبن ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي آهي، جنهن ۾ مائننگ ۽ منرلز جا مفاد به شامل آهن، انهي سان گڏ هڪ بندرگاھ ۽ بين الاقوامي هوائي اڏو به شامل آهي. جيتوڻيڪ حملن جي علائقائي اثرن جي باري ۾ خدشو سمجهه ۾ اچي ٿو، پر شايد اهي علائقائي تڪرارن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۽ ايران جي اندر جي حالتن بابت وڌيڪ خطرناڪ آهن. پر ساڳي جاءِ تي ايران ۽ پاڪستان اندروني عدم استحڪام ۽ سنگين معاشي چئلينجن کي به منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ان سان گڏ پنهنجي پنهنجي حڪومتن ۾ سياسي بحرانن کي به منهن ڏئي رهيا آهن.
بروڪنگس انسٽيٽيوٽ جي فارن پاليسي پروگرام جيڪو پاڪستاني سياست ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ انتهاپسندي جو مطالعو ڪري ٿو، ان مطابق پاڪستان ۽ ايران ڪيترن ئي اندروني بحران سبب هڪ نازڪ موڙ تي اچي بيٺا آهن، جيتوڻيڪ پاڪستان تهران مان پنهنجي سفير کي واپس گهرايو ۽ ٻنهي پاسن جي ڇڪتاڻ کان بچڻ جي خواهش جو اشارو ڏنو. پاڪستان جي اندر اهڙن قدمن کي سياسي طور ورهايل هجڻ جا وسيع امڪان پڻ آهن ۽ حملن جو استدلال مبهم آهي، اهو نتيجو ڪڍڻ ڏکيو آهي ته حملن جو مطلب ڇا آهي، يا اڳتي ڇا ٿي سگهي ٿو. پر اتي ڪجهه مفيد ڳالهيون به آهن ته ايران رڳو پاڪستان نه پر عراق ۽ شام تي به حملو ڪندو. پاڪستان ۾ جيش العدل جا ايران تي حملا، انهي سان گڏ تازا حملا جنهن جا شام ۾ داعش سان لاڳاپيل هدف آهن ۽ جنهن سان گڏ موساد جي جاسوسي هيڊڪوارٽرن تي حملا به هوندا، جنهن جي ڪري خطي ۾ مجموعي خطري جو تاثر وڌندو. ساڳئي وقت اندورني ۽ بيروني دٻاءُ جي نتيجي واضح ناهي ته شام ۾ ايران جي حملن داعش جي مقصدن کي ڪيترو نقصان پهچايو آهي. جڏهن ته ايران عام طور تي پنهنجي پراڪسيز ذريعي پاور پروجيڪٽ ڪندو رهندو آهي، جيئن باغي گروپن ايران اندر ڪاروايون ڪيون مثال داعش (آءِ ايس آءِ) خراسان صوبي اندر ڪمانڊر قاسم سليماني جي قتل جي ياد ۾ هڪ تقريب تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي، جنهن ۾ ايران جي شهر ڪرمان ۾ لڳ ڀڳ 280 ماڻهو مارجي ويا ۽ اسرائيل جي موساد جو اعلي فوجي صلاحڪار سيد رازي موسوي دمشق جي ويجهو ڊسمبر ۾ قتل ٿيو. جڏهن ته غزه ۾ اسرائيل جي جنگ، ۽ عراق، شام ۽ پاڪستان ۾ هدفن تي ايران جي حملن جي وچ ۾ سڌو سنئون تعلق نه ٿي سگهي ٿو. اهو ٿي سگهي ٿو ته ايران ته هاڻي پنهنجي فوجي صلاحيتن کي سگهارو ڪري، ائين ڪرڻ سان ايران محدود صلاحيت ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي قابل ٿيندو. جيتوڻيڪ عراق ۽ پاڪستان ۽ ايران جي حملن تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ايران پاڪستان جي حملن جو جواب ڏئي سگهي ٿو، پر في الحال اهو لڳي ٿو ته حملن کي معطل ڪيو ويندو. پاڪستان جي اعليٰ فوج ۽ ايران جي اڳ ۾ ئي وڌيل فوجي ۽ پراڪسي فورسز جي ڪري وڌيڪ حملا انتهائي خطرناڪ هوندا، جيڪي باقاعده ايران جي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪندا، ۽ ايران جي ٻين مخالفن کي روڪڻ جي صلاحيت کي ختم ڪري ڇڏيندا.
جڏهن ته خطي ۾ هڙتالون ۽ ڇڪتاڻ نظر اچي ته معني سرحدي تڪرار ۾ واڌ جو خطرو هوندو آهي، جنهن کان ٻئي ملڪ بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هوندا آهن، اهو واضح ناهي ته ايران يا پاڪستان، علحدگي پسند گروپن تي مڪمل طور تي قابض رهندا يا اهي ٻئي انهن کي دشمن سمجهندا. پر پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ايران کي برادر ملڪ قرار ڏنو آهي ۽ گڏيل حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته انهن جا حملا متناسب ۽ صرف شدت پسندن جي خلاف هوندا، معني هر قدم نسلي علحدگي پسند گروپن جي تشدد کي روڪڻ لاءِ هوندو.
اهو به واضح آهي ته پاڪستان سان ايران جي تڪرار جو وچ اوڀر جي تڪرار سان ڪو خاص تعلق ناهي، جنهن ۾ غزه ۾ اسرائيل جي جنگ ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ آمريڪا ۽ يمني باغين جي وچ ۾ ٽِٽِ فار ٽَيٽِ هلندو ٿو رهي. پر گذريل حملن کي نظرانداز ڪرڻ مشڪل آهي، جنهن جي ڪري ايراني پراڪسي گروهن جي تڪرارن ۾ بتدريج واڌ ٿي، ڇاڪاڻ ته ايران هن وقت وچ اوڀر ۾ هلندڙ سمورن تڪرارن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو. ايران جا لبنان ۾ حزب الله سان گڏوگڏ غزه ۾ حماس سان رابطا به آهن، جيڪي گروھ اسرائيل سان ويڙهه لايون ويٺا آهن. ايران جي يمني حوثين کي حمايت به حاصل آهي، جيڪي باغي هن وقت بحري جهازن ۾ خلل وجهي رهيا آهن ۽ آمريڪا ۽ ان جي مغربي اتحادين سان ريڊ سمنڊ ۾ تڪرار ڪري رهي آهي ۽ ايران عراق ۽ شام ۾ ٻڌل ننڍڙن مليشيائي گروپن کي پٺڀرائي فراهم ڪري رهيا آهن، جيڪي هن وقت انهن ملڪن ۾ آمريڪا جي داعش مخالف اتحادي پوزيشن تي حملو ڪري رهيا آهن. ان ڪري ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هلندڙ ڦڏو بدلي ۾ غزه ۾ اسرائيل جي جنگ وڌائڻ پڻ آهي. جيڪو هڪ نسلي بغاوت جي خلاف ڊگهي هلندڙ جدوجهد جو تسلسل آهي، جنهن انهن ٻنهي کي ڏهاڪن کان پريشان ڪيو آهي.