سَچي ڪارڪن الله ڏنو سومرو جي سياسي جدوجهد جو عڪس

تحرير: گل بهار علي گاڏهي

سياست رڳو نعرا هڻڻ، تصويرون ڇپائڻ يا جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ جو نالو ناهي، پر اها هڪ مسلسل عبادت، عزم، قرباني ۽ بي لوث خدمت جو نالو آهي. اهڙي راهه تي هلندڙ ڪارڪن ئي ڪنهن ڏينهن بنا ڪنهن عهدي جي ماڻهن جي دلين جو حاڪم بڻجي ٿو، جيڪو پنهنجي خلوص ۽ خدمت جي بنياد تي مقامي سطح تي ليڊر سڏجڻ جو حقدار هوندو آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙا ئي سچا ۽ وفادار ڪارڪن اڪثر پنهنجي ئي پارٽي اندر نظرانداز ٿي ويندا آهن.

الله ڏنو سومرو، ڀٽائي آباد ملير ڪراچي جو هڪ اهڙو نالو آهي، جيڪو ورهين کان پاڪستان پيپلز پارٽي سان بنا لالچ ۽ بي لوث جذبي سان جڙيل رهيو آهي. هن پنهنجي سڄي ڄمار پارٽي جي منشور ۽ عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندس سياسي سفر رڳو سرگرمين تائين محدود نه رهيو، پر تنظيم لاءِ هر سطح تي فعال ۽ ڪارآمد رهيو. هن بنا ڪنهن خواهش جي پارٽي لاءِ هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريو پر ان باوجود سندس خدمتن کي نظرانداز ڪيو ويو.

الله ڏنو سومرو جو جنم شڪارپور جي سومرا ڪالوني، ميراڻي پاڙي جي هڪ معزز ۽ باشعور گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد محمد پنجل سومرو، سومرا برادريءَ جو معتبر وڏيرو هو. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ تعليم مڪمل ڪري الله ڏنو سومرو ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو، جتي هن شروع کان ئي سياسي تحريڪن، سماجي خدمت ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. نوجوانيءَ ۾ ئي هو پيپلز پارٽي سان سلهاڙجي ويو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ”اٽي، لٽي ۽ اجهي“ واري نعري تي بي پناهه ويساهه رکندڙ رهيو.

الله ڏنو سومرو جلسن جلوسن تائين محدود نه رهيو، پر هن پارٽي جي تعلقي سطح تي مختلف عهدن تي ذميواريون نڀايون. هر چونڊ مهم ۾ هو پهرين صف ۾ نظر آيو، خوشي جا ڏينهن هجن توڙي ڏکيو وقت، قيادت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو رهيو. پنهنجي ذاتي زندگي کي به پاسي تي رکي پارٽي جي مقصدن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو.

هن جي سياسي وفاداري ۽ جدوجهد باوجود جڏهن به عهدن جي ورهاست يا چونڊن جي ٽڪيٽن جو وقت آيو ته الله ڏنو سومرو کي نظرانداز ڪيو ويو. کيس ڪڏهن به ايم پي اي جي ٽڪيٽ لاءِ غور جوڳو نه سمجهيو ويو، جڏهن ته اهڙا ماڻهو، جيڪي فقط مفادن لاءِ پارٽي ۾ آيل هئا، اڳتي آندا ويا. اهو عمل رڳو ناانصافي ناهي، پر وفادار ڪارڪنن جي حوصله شڪني به آهي.

ملير، ڀٽائي آباد، ڌڻي بخش ڳوٺ، بختاور ڳوٺ، موريا خان ڳوٺ، هزاره ڳوٺ، سچل ڳوٺ، ماروئڙا، شاهنواز شر ڳوٺ، غازي ڳوٺ، سعيد وليج، صفوران سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ الله ڏنو سومرو هڪ سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. هو مقامي مسئلن جي حل، ترقياتي ڪمن جي اڳواڻي، نوجوانن جي رهنمائي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ جاکوڙي رهيو آهي، ان باوجود پارٽي قيادت کيس تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

الله ڏنو سومرو جو يقين آهي ته پارٽي سان سندس تعلق سياسي سطح جو ناهي، پر اهو نظريي، جذبي ۽ قربانيءَ جو رشتو آهي. هو اڄ به ان اميد تي قائم آهي ته قيادت ڪڏهن نه ڪڏهن سندس قربانين جو اعتراف ڪندي، جڏهن به پارٽي تي تنقيد ٿيندي آهي ته هو دفاع ۾ اڳيان اچي دليلن سان موقف رکي ٿو.

اڄ منهنجي دل ۾ به سوال جنم وٺي رهيا آهن، ڇا پاڪستان جي سياسي پارٽين وٽ اهڙن وفادار ڪارڪنن لاءِ ڪا پاليسي موجود آهي؟ ڇا عهدن جي ورهاست قرباني ۽ جدوجهد جي بنياد تي ٿيندي؟ ڇا قيادت کي پنهنجي بنيادن جي محافظن سان انصاف نه ڪرڻ گهرجي؟

الله ڏنو سومرو جهڙا ڪارڪن سياسي پارٽين لاءِ ڪرنگهي جي هڏي وانگر هوندا آهن. جيڪڏهن انهن جي خدمتن جو اعتراف نه ڪيو ويو ته نه فقط ڪارڪن مايوس ٿيندا، پر عوام جو سياسي نظام تان اعتماد به کڄي ويندو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کي گهرجي ته اهڙن وفادار، قرباني ڏيندڙ ۽ محنتي ڪارڪنن لاءِ واضح پاليسي جوڙي، جنهن تحت سندن قدر شناسي ۽ اڳڀرائيءَ کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.