عرفان نيازي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۾ ٽاپ اينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 15 رڪني پاڪستان شاهينز اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جي قيادت نوجوان عرفان خان نيازي کي سونپي وئي آهي.
عرفان خان نيازي جي قيادت ۾ اعلانيل اسڪواڊ عبدالصمد، احمد دانيال، فيصل اڪرم، حيدر علي، معاذ صداقت، مهراڻ ممتاز شامل آهن.
ان کانسواءِ خواجا نافع ۽ محمد غازي غور وڪيٽ ڪيپر بيٽر طور ٽيم ۾ شامل آهن، مبصر خان، سعد مسعود ۽ محمد سلمان مرزا، شاهد عزيز، عبيد شاهه ۽ ياسر شاهه به اسڪواڊ جو حصو آهن.
واضح رهي ته ٽورنامينٽ 14 کان 24 آگسٽ تائين آسٽريليا جي شهر ڊاروِن ۾ کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.