ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا طوبيٰ چيو آهي ته حميرا اصغر سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي کانپوءِ ڪراچي ۾ اڪيلو رهندڙ اداڪارائن جي تحفظ لاءِ هڪ واٽس ايپ گروپ قائم ڪيو ويو آهي.
اداڪارا طوبيٰ انور هڪ انٽرويو دوران تصديق ڪئي آهي ته حميرا اصغر جي المياتي موت کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ اڪيلو رهندڙ اداڪارائن جي تحفظ لاءِ هڪ واٽس ايپ گروپ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد نه رڳو اداڪارائن سان رابطي ۾ رهڻ آهي، پر کين وقت سر مدد به فراهم ڪرڻ آهي.
طوبيٰ انور موجب، ان گروپ ۾ خاص طور تي اهڙيون اداڪارائون شامل ڪيون ويون آهن جيڪي ڪراچيءَ ۾ اڪيلو رهن ٿيون ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي يا خطري واري صورت ۾ هڪٻئي سان رابطي ۾ رهي سگهن ۽ هڪ مضبوط سهارو مهيا ڪري سگهن.
You might also like