واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي دفاعي کاتي پينٽاگون تصديق ڪئي آهي ته ايران، قطر ۾ آمريڪا جي استعمال هيٺ العُديد هوائي اڏي تي حملو ڪيو، جڏهن ته آمريڪي اڏي تي ٿيل تباهي جون سيٽلائيٽ تصويرون به سامهون اچي ويون آهن.
پينٽاگون موجب، ايران 23 جون تي العُديد هوائي اڏي تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو ڪيو، جنهن دوران آمريڪي مواصلاتي نظام کي تحفظ فراهم ڪندڙ ڊوم (عمارت) کي سڌو سنئون نشانو بڻايو ويو.
هاڻي ان حوالي سان ايراني حملي کان اڳ ۽ پوءِ واريون سيٽلائيٽ تصويرون به منظرعام تي اچي ويون آهن، جن مان ڊوم جي تباهي واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿي.
قطر طرفان هن معاملي تي اڃا تائين ڪو به رسمي ردعمل سامهون نه آيو آهي، جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مواصلاتي ڊوم تي حملي سبب ايران کي آمريڪي حملي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو موقعو مليو ۽ ان کانپوءِ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ 12 ڏينهن تائين جاري رهندڙ جنگ ۾ فائربندي عمل ۾ آئي.
ايران جي حملي بابت اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته ايران طرفان حملي جو اشارو ڏنو ويو هو، جنهن سبب آمريڪا ۽ قطر کي ايئربيس خالي ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.