سپريم جڊيشل ڪائونسل ججن خلاف شڪايتون اُڪلائڻ تي سندن نالا عام ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سپريم جڊيشل ڪائونسل 24 شڪايتن جو جائزو وٺندي 19 شڪايتن کي گڏيل طور رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 5 شڪايتون ملتوي ڪيون ويون آهن.
سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ اٽڪل ٻه ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، منيب اختر، عاليا نيلم ۽ جنيد غفار شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، اجلاس دوران سپريم جڊيشل ڪائونسل ججن خلاف داخل ٿيل شڪايتن بابت سندن نالا عام ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته جن ججن خلاف شڪايتون اڪلايون وينديون آهن، انهن جا نالا به عام نه ڪيا وڃن ۽ ڪائونسل جي اها پاليسي برقرار رهندي.
سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، اجلاس دوران ”سپريم جڊيشل ڪائونسل سروس رولز 2025“ جو مسودو به منظور ڪيو ويو، ضابطه اخلاق ۾ ترميم بابت وڌيڪ قانوني صلاح مشورا ڪرڻ ضروري قرار ڏنا ويا.
پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته انڪوائري جي طريقيڪار بابت به وڌيڪ مشاورت ڪئي ويندي.
اجلاس دوران آئين جي آرٽيڪل 209 تحت داخل 24 شڪايتن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جن مان 19 شڪايتون گڏيل طور تي خارج ۽ 5 شڪايتون ملتوي ڪيون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.