اسٽيبلشمينٽ سنجيدا آهي ته ملڪ رياض کان ڏنڊ اوڳاڙيو وڃي

اسلام آباد (اسد طور) ملڪ رياض طرفان شهيدن لاءِ 3 هزار ڪنال زمين عطيي جي آڇ تي اسٽيبلشمينٽ سخت رد عمل ڏنو آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪرپشن ڪندڙن جي عطئي تي شهيدن جو فلاح نه ٿيندو، اها رياست جي ذميواري آهي. بيان ۾ زور ڏنو ويو ته ملڪ رياض جو معاملو عدالتن ۾ طئي ٿيندو ۽ جيڪڏهن رياست سنجيده آهي ته کيس واپس آڻي، 460 ارب رپيا ڏنڊ وصول ڪيو وڃي. ملڪ رياض کان 1 هزار کان 2 هزار ارب رپيا به وصول ٿي سگهن ٿا، دبئي سان رابطن ذريعي هڪ فون تي کيس وطن واپس آڻي سگهجي ٿو، عدالتون ڪمپرومائزڊ آهن. جيڪڏهن موجوده اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل نه ٿي ته ايندڙ سان ٿي سگهي ٿي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 12 جولاءِ  2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.