ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبو قدرتي وسيلن ڪوئلو، گئس، ونڊ ۽ سولر انرجي جي ڪري پاڪستان جي انرجي باسڪٽ طور وڏي اهميت رکي ٿو، پر بدقسمتي سان وفاقي پاليسين جي ڪري توانائي شعبي ۾ ترقي کي سخت چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، توانائي جي مختلف شعبن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٿر جو ڪوئلو، جيڪو دنيا جو سستو ترين ذريعو آهي، گذريل ڇهن سالن ۾ 30 ملين ٽن آءِ پي پيز کي مهيا ڪيو ويو آهي، جنهن مان 31 گيگا واٽ بجلي پيدا ڪئي وئي آهي جيڪا 30 لک گهرن کي بجلي فراهم ڪري رهي آهي، هن اعلان ڪيو ته ٿر جي ڪوئلي کي عالمي منڊين تائين پهچائڻ لاءِ 105 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائن تعمير ڪئي پئي وڃي، جيڪا هڪ گيم چينجر ثابت ٿيندي، ٿر ڪول ۽ ونڊ پروجيڪٽس مان حاصل ٿيندڙ بجلي نيشنل گرڊ ذريعي پنجاب تائين پهچائي پئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ٿر جي مستحق ماڻهن لاءِ 200 يونٽ بجلي جا بل سنڌ حڪومت ادا ڪري رهي آهي، وڏي وزير وفاق کان مطالبو ڪيو ته هو ترقي جي هن سفر ۾ سنڌ سان ڀرپور سهڪار ڪري ته جيئن پاڪستان جي توانائي جون ضرورتون بهتر طريقي سان پوريون ڪري سگهجن، توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه به خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي لاءِ ٻه سولر پارڪس، حيدرآباد لاءِ مانجهند ۽ سکر يا لاڙڪاڻو لاءِ سولر پارڪ جوڙيا پيا وڃن. وڏين صنعتن کي مرحليوار گرين انرجي تي منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ غريب ماڻهن کي مفت سولر سسٽم فراهم ڪيا پيا وڃن،