پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ، فضل الرحمان کي 3 سيٽن جي آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (آصف بشير چوڌري/فخر دراني) خيبر پختونخواهه ۾ سينيٽ جي چونڊن کان اڳ سياسي رابطا تيز ٿي ويا آهن.  مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر اهميت اختيار ڪري ويو، مولانا سان پيپلزپارٽي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن. جيتوڻيڪ فضل الرحمان جي پارليامينٽ ۾ وڏي نمائندگي ناهي پر تنهن هوندي هو پاڪستاني سياست جو مقناطيس آهي. پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وارا مولانا فضل الرحمان کي چئي رهيا آهن ته اچو ته مرڪز ۽ صوبي ۾ به اليڪشن گڏجي وڙهون، کيس چيو ويو ته اوهان کي 2 سيٽون في الحال ڏيون ٿا، هڪ عورتن جي سيٽ جڏهن اسان وٽ ٻيا ماڻهو اچي ويندا ته تڏهن ڏينداسين. خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ ۽ ٻئي نمبر تي مولانا فضل الرحمان جا ماڻهو آهن، مولانا کي 3 سيٽون مليون ته اها سندس لاءِ وڏي اڳڀرائي هوندي، ڇو ته مستقل ۾ پارٽيون گڏ هلڻ چاهين ٿيون ۽ چاهين ٿيون ته ڪي پي حڪومت کي تبديل ڪجي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻي حڪومت جي به ڪي پي جي عوام ۾ مقبوليت رکندڙ هجي. مولانا هاڻي فيصلو ڪندو ته کيس ڇا ڪرڻو آهي پر لڳي ٿو ته ان حد تائين راضي آهي ته کيس 3 سيٽون ڏنيون وڃن، ان سان مولانا جو نمبر وڌي ويندو. يعنيٰ هن اليڪشن ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو مولانا کي ٿي رهيو آهي. پي ٽي آءِ کي نقصان اهو آهي ته نوان ماڻهو اپلاءِ نٿا ڪري سگهن رڳو پراڻا ئي هوندا ۽ انهن ماڻهن ۾ ڪجهه ماڻهو پارٽي سان نه آهن، حڪمران اتحاد ڪجهه سيٽن تي پنهنجو نمبر وڌائي سگهي ٿو. ن ليگ، پيپلزپارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ اتحاد ٿي ويو ته نه رڳو مرڪز ۾ پر صوبي ۾ عوامي سطح تي مولانا جي پذيرائي رکندڙ قوتون آنديون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.