60ڏينهن جي جنگبندي دوران مستقل جنگبندي لاءِ ڳالهيون ڪيون وينديون:نيتن ياهو

تل ابيب(م ڊ)اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو چيو آهي ته غزه ۾ تجويز ڪيل 60 ڏينهن واري جنگبندي دوران مستقل جنگبندي لاءِ ڳالهيون ٿينديون، نيتن ياهو جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن 60 ڏينهن واري جنگبندي شروع ٿي ته ان دوران جنگ جو خاتمو آڻڻ لاءِ ڳالهين جو عمل اڳتي وڌايو ويندو، هن جو چوڻ هو ته حماس طرفان هٿيار ڦٽائڻ اسرائيل جي بنيادي شرطن مان آهي، جڏهن ته حماس وٽ غزه جي حڪمراني ۽ فوجي صلاحيت نه هجڻ به انهن  شرطن ۾ شامل آهي، نيتن ياهو خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اهي شرطون 60 ڏينهن ۾ پوري نه ٿيون ته پوءِ اسرائيل فوجي طاقت ذريعي انهن کي لاڳو ڪرائيندو،پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، 60 ڏينهن واري تجويز ڪيل جنگبندي لاءِ قطر ۾ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ بالواسطه ڳالهيون آچر ڏينهن کان جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.