نااهلي ريفرنس تي اڳڀرائي، پي ٽي آءِ ۽ پنجاب اسيمبلي اسپيڪر ۾ ڳالهيون

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي ميمبرن ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر وچ ۾ ڳالهين جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو  ويو آهي. ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي 26 ميمبرن جي نااهلي واري ريفرنس واري معاملي تي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. معطل ٿيل مخالف ڌر جي ميمبرن، اپوزيشن ليڊر ملڪ احمد خان بڇر جي قيادت ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان سان ملاقات ڪئي. هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وڌيڪ جاري رهندڙ ملاقات ۾ مختلف معاملا غور هيٺ آيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته 27 جون تي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر جي ميمبرن گوڙ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ اسپيڪر 26 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪندي سندن نااهلي لاءِ ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.