ڪراچي/لاهور (رپورٽر/م ڊ) ڪراچي جي فليٽ مان هٿ آيل اداڪارا حمیرا اصغر جو لاش لاهور منتقل ڪري ماڊل ٽائون قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. مڙهه اداڪارا جي وارثن وصول ڪري سڌي ريت قبرستان منتقل ڪيو جتي جنازي نماز ۾ گهرڀاتي ۽ ويجها عزيز شريڪ ٿيا. والد چيو ته ميڊيڪل پروسيس کان اڳ ميت وٺڻ ممڪن نه هو، ميڊيا تي هلندڙ خبرون بي بنياد آهن. هن واضح ڪيو ته حمیرا جو ماءُ سان رابطو برقرار هو. اداڪارا جي چاچي محمد علي موجب، کين ڪراچي واري گهر جو پتو نه هو، حمیرا 2018 کان ڪراچي ۾ رهندي هئي. ٻئي پاسي حمیرا اصغر جي لاش بابت شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي جنهن موجب، سندس موت 8 کان 10 مهينا اڳ ٿيو. لاش مڪمل طور تي ڳري چڪو هو، جسم جي هيٺين حصي جو گوشت ختم ٿي ويو هو، ۽ تشدد يا زيادتي جا ثبوت ملي نه سگهيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته لاش جي حالت انتهاي خراب هئي. پوليس جاچ جو دائرو وڌائيندي، موبائل ڊيٽا، سي سي ٽي وي، ۽ سوشل ميڊيا سرگرمين جو تفصيلي جائزو وٺي رهي آهي.