صوبائي انسپيڪشن ڪميٽي درياءِ سوات ۾ آيل ٻوڏ سبب تيرهن ماڻهن جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت 63 صفحن تي ٻڌل جاچ رپورٽ خيبرپختون خواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور حوالي ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ ۾ ضلعي انتظاميا، آبپاشي کاتي، بلدياتي ادارن ۽ ريسڪيو 1122 کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته وڏي وزير لاپرواهيءَ جي ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب ميدان ۾ پوليس، روينيو، آبپاشي، ريسڪيو، سياحت پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ رابطي ۽ هم آهنگي جي کوٽ رهي، جنهن تي وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل ادارا 60 ڏينهن جي اندر قانوني گهرجون پوريون ڪري ضروري قدم کڻن.
رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته لاڳاپيل ادارا 30 ڏينهن اندر غلطيون درست ڪن.
چيف سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ هڪ اوورسائيٽ ڪميٽي جوڙي ويندي، جيڪا هر مهيني رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪندي. ڪميٽي "ريور سيفٽي ماڊيولز” کي ايندڙ برساتي ايمرجنسي منصوبي لاءِ تيار ڪندي، ريسڪيو 1122 جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ به منصوبو ترتيب ڏيندي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دريائن جي ڀرپاسي سياحتي هنڌن تي موجود خطرن جي ڪا درجابندي نه ڪئي وئي آهي ۽ پاڻيءَ جي گذرڻ وارن هنڌن تي اڏاوتي ڪمن کي روڪڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
رپورٽ موجب صوبي ۾ دريائن جي ڪنارن تي قائم غيرقانوني اڏاوتن خلاف بنا فرق آپريشن دوران 127 غير قانوني عمارتن کي سيل ڪيو ويو ۽ 682 ڪنال زمين تي ٿيل اڏاوت کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ايندڙ وقت ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ 36 ريسڪيو اسٽيشنز جو قيام، ريسڪيو لاءِ جديد اوزارن جي خريداري ۽ 70 "ڪمپيڪٽ ريسڪيو اسٽيشنز” قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، گڏوگڏ هڪ "ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم” قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.
ياد رهي ته 26 جون تي سوات درياءِ ۾ آيل ٻوڏ جي لهر سبب 17 ماڻهو لڙهي ويا هئا، جن مان 4 ڄڻا بچي ويا هئا، 12 ڄڻن جا لاش ملي ويا، جڏهن ته هڪ شخص جو لاش اڃا تائين نه ملي سگهيو آهي.