گوگل لاءِ وڏو چيلينج! ”اوپن اي آءِ“ پنهنجو ويب برائوزر آڻڻ لاءِ تيار ٿي وئي

اوپن اي آءِ اها ڪمپني آهي جنهن چيٽ جي پي ٽي جهڙو مشهور چيٽ بوٽ متعارف ڪرايو هو. هاڻ اها ڪمپني گوگل جي ڪاروبار جي هڪ اهم پهلو کي نشانو بڻائڻ بابت غور ڪري رهي آهي.

اوپن اي آءِ طرفان پنهنجو ويب برائوزر متعارف ڪرايو پيو وڃي.

خبرن جي اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب اوپن اي آءِ جو هي ويب برائوزر ايندڙ ڪجهه هفتن اندر متعارف ٿي سگهي ٿو.

رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته ڪمپني پنهنجين خدمتن کي واهپيدارن جي ذاتي ۽ پيشوراڻي زندگيءَ جو اهم حصو بڻائڻ چاهي ٿي ۽ ويب برائوزر به ان حڪمت عملي جو حصو آهي.

رپورٽ موجب اوپن اي آءِ طرفان هن برائوزر کي واهپيدارن بابت وڌيڪ ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

هن برائوزر ۾ مختلف اي آءِ خاصيتون شامل هونديون، جيڪي ڪيترائي ڪم واهپيدار جي بدران پاڻمرادو انجام ڏئي سگهنديون.

ويب برائوزنگ ڊيٽا تائين سڌي ريت پهچ اوپن اي آءِ لاءِ اهو ڪم وڌيڪ سولو بڻائيندي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هن برائوزر کي اهڙي طريقي سان ترتيب ڏنو ويندو، جهڙيءَ ريت گوگل جي اي آءِ اوور ويُو جو يوزر انٽر فيس آهي، ته جيئن واهپيدار اي آءِ چيٽ بوٽ وڌيڪ استعمال ڪن.

چيٽ جي پي ٽي کي هر هفتي 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو استعمال ڪن ٿا، پر ڇا هي ويب برائوزر گوگل ڪروم لاءِ ڪو چئلينج بڻجي سگهندو؟ اهو چوڻ اڃا تائين ڏکيو آهي.

هڪ اندازي موجب گوگل ڪروم جا واهپيدار 3 ارب کان وڌيڪ آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اوپن اي آءِ جو برائوزر گوگل جي اوپن سورس ڪوڊ "ڪروميم” تي تيار ڪيو ويندو، جيڪو ڪروم، مائڪروسافٽ ايج ۽ اوپيــرا برائوزرن لاءِ به استعمال ٿيندو آهي.

هي ڪمپني ان کان اڳ پنهنجو سرچ انجڻ به تيار ڪري چڪي آهي.

اوپن اي آءِ طرفان هن سرچ انجڻ جي تياري جو اعلان مئي 2024ع ۾ ڪيو ويو هو ۽ نومبر 2024ع ۾ اي آءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اهڙو سرچ انجڻ واهپيدارن لاءِ جاري ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.