سڀاڻي کان چوماسي برساتن جي اڳڪٿي، درياهن ۾ چاڙهه جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 13 کان 16 جولاءِ دوران وچولي کان تيز چوماسي برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
بنگالي نار ۽ عربي سمنڊ مان ايندڙ هوائن ۽ هڪ فعال اولهندي لهر جي نتيجي ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ وچولي کان شديد چوماسي برساتن جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌو، ڪابل، جهلم ۽ چناب درياهن جي پاڻيءَ جي سطح ۾ نمايان اضافو ٿي سگهي ٿو.
جاري ڪيل ايڊوائزري موجب تربيلا، تونسا ۽ گڊو بئراج وٽ هن وقت هيٺين درجي جي ٻوڏ، جڏهن ته ڪالا باغ ۽ چشما وٽ وچولي درجي جو چاڙهه موجود آهي.
چناب درياهه جي مرالا ۽ خانڪي وارن هنڌن تي هيٺين سطح جي ٻوڏ اچي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪابل درياهه ۾ نوشهرا وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ جو امڪان آهي.
ڊيرا غازي خان ۽ راڄن پور جي جابلو نالن ۾ وچولي کان سخت چاڙهه جو امڪان آهي، جڏهن ته بلوچستان جي اتر اوڀر وارن ضلعن ۾ به نيون وهي اچڻ ۽ درياهن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ جو خطرو آهي.
ان کانسواءِ ڏکڻ بلوچستان جي ضلعن خضدار، آواران، لسٻيلي ۽ قلات ۾ به مقامي ندين ۽ نالن ۾ اوچتو ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته درياهن، نالن ۽ برساتي نئن جي ويجهو رهندڙ ماڻهو خبردار رهن، خاص طور تي رات جو پاڻي جي سطح ۾ اوچتو اضافو ٿي سگهي ٿو، ماڻهن کي گهرن مان محفوظ رستن جي اڳواٽ نشاندهي ڪرڻ، قيمتي سامان، گاڏيون ۽ ڍور محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ سميت 3 کان 5 ڏينهن جي خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن جو بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ايڊوائزري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پنجاب جي اتر اوڀر ۽ وچولن ضلعن جي اتنظاميا کي برساتي پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڊي واٽرنگ مشينري وقت سر تيار رکي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.