انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل پنهنجو جديد آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) وڊيو جنريشن ماڊل ”ويئو ٿري“ ۽ ”Flow“متعارف ڪرائي ڇڏيو.
”ويئو ٿري“ جو وڊيو جنريشن ماڊل پاڪستان سميت دنيا جي 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ گوگل اي آءِ پرو سبسڪرائبرز لاءِ دستياب آهي.
ويئو ٿري جي جديد ورزن سان واهپيدارن کي طاقتور ”photo-to-video“ فيچر ذريعي آواز سان گڏ پنهنجي پسنديدا تصويرن کي رڳو 8 سيڪنڊن جي واضح وڊيو ڪلپ ۾ تبديل ڪرڻ جي سهولت ملندي.
مختلف رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته دنيا ۾ رڳو ستن هفتن اندر واهپيدارن ويئو ٿري ذريعي 4 ڪروڙ کان وڌيڪ وڊيوز ٺاهي چڪا آهن، جن ۾ پراڻين ڪهاڻين کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ ۽ تخليقي صلاحيتن کي نئون رنگ ڏيڻ واريون وڊيوز پڻ شامل آهن.
پاڪستان ۾ ڊجيٽل اسٽوري ٽيلرز ۽ ڪنٽينٽ ڪريئيٽرز لاءِ هي هڪ شاندار موقعو آهي، جتي تصويرن مان وڊيوز ٺاهڻ تمام آسان بڻجي ويو آهي.
واهپيدار ”Prompt box“ مان ”Videos“ چونڊي پنهنجي تصويرون اپلوڊ ڪري سگهن ٿا، پوءِ منظر ۽ آڊيو لاءِ هدايتون ڏئي سگهن ٿا، جنهن کان پوءِ تصوير هڪ متحرڪ وڊيو ۾ تبديل ٿي ويندي.
هي فيچر گوگل اي آءِ پرو ۽ الٽرا سبسڪرائبرز لاءِ چونڊ ملڪن ۾ دستياب آهي.
هي ٽول ذاتي لمحن کي محفوظ رکڻ کان وٺي تخليقي ڪهاڻين کي وڊيوز ۾ پيش ڪرڻ تائين، هر لمحي کي جيئرو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ان لاءِ واهپيدارن کي رڳو هڪ تصوير اپلوڊ ڪرڻي پوندي، ان کانپوءِ منظر ۽ آڊيو جي تفصيل شامل ڪرڻا پوندا ۽ پوءِ جيمنائي پاڻمرادو وڊيو تيار ڪري ڇڏيندو، جيڪا ڊائون لوڊ يا شيئر ڪري سگهبي.
هي سهولت گوگل جي فلمسازي لاءِ تيار ڪيل اي آءِ ٽول ”Flow“ ذريعي به استعمال ڪري سگهجي ٿي.
فلمسازن لاءِ گوگل جي جديد اي آءِ ٽول Flow ۾ هاڻ واهپيدار وڊيو ڪلپس ۾ آواز، ساؤنڊ ايفيڪٽس ۽ بئڪ گرائونڊ آڊيو پڻ شامل ڪري سگهن ٿا.
پر واضح رهي ته في الحال Flow ۾ آڊيو جنريشن ٽيسٽنگ مرحلي ۾ آهي، تنهنڪري نتيجا مختلف ٿي سگهن ٿا.
Flow ۽ گوگل اي آءِ الٽرا هاڻ 140 کان وڌيڪ ملڪن ۾ دستياب آهن، جنهن ذريعي تخليقي صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ وارا جديد ٽولز حاصل ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي.