ايران، آمريڪا سان ٻيهر ڳالهين لاءِ مشروط راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا سان ٻيهر ڳالهين لاءِ مشروط راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
فرانسيسي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ عباس عراقچي چيو ته اسان آمريڪا سان گڏيل عزت جي بنياد تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پر آمريڪا کي ڳالهين دوران ايران تي حملي نه ڪرڻ جي ضمانت ڏيڻي پوندي ۽ جيڪڏهن آمريڪا پنهنجون غلطيون درست ڪري ته ڳالهين جو عمل ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته ڳالهين وارو عمل ختم ڪرڻ ۽ ڪارروائيءَ جي شروعات آمريڪا ئي ڪئي هئي، تنهنڪري هاڻ ضروري آهي ته آمريڪا پنهنجين غلطين جي ذميواري قبول ڪري.
ايراني پرڏيهي وزير موجب، آمريڪا جي تازي حملن سبب ايران جي ائٽمي مرڪزن نقصان رسيو آهي ۽ ايران کي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ کان پوءِ معاوضو طلب ڪرڻ جو حق حاصل آهي.
عباس عراقچي جو چوڻ هو ته ايران کي پرامن جوهري منصوبو ڇڏي ڏيڻ تي مجبور ڪرڻ هڪ سنگين غلط فهمي آهي، ايران جو ائٽمي پروگرام قومي سرمايو آهي جيڪو ايتري آساني سان ختم نه ٿو ڪري سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته سفارتڪاري هڪ ٻطرفو معاملو آهي ۽ دوست ملڪن يا ٽياڪڙي ذريعي هڪ سفارتي هاٽ لائين قائم ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.