نوَ مئي ڪيس: عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي جناح هائوس ويجهو پوليس جون گاڏيون ساڙڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن شاهه محمود قريشي، عمر سرفراز چيما ۽ ميان محمود الرشيد ضمانت جون درخواستون داخل ڪيون هيون.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي سڀني اڳواڻن جون ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
واضح رهي ته انهن اڳواڻن مٿان الزام آهي ته 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ مبينا طور تي پرتشدد مظاهرن جي قيادت ڪئي ۽ سرڪاري توڙي نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.