اسلام آباد (سيد طلعت حسين) نواز شريف جي اڳوڻين حڪومتن بابت دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته تڏهن کنڊ 56 کان 58 رپيا ڪلو هوندي هئي ٻيا ماڻهو آيا ته کنڊ جا اگهه آسمان تي پهچي ويا. نواز شريف جي پارٽي جي حڪومت آهي ۽ انهن جي پاليسين باوجود کنڊ 190 کان 196 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. اهو اگهه حڪومت جي ڪاٿي کان به 50 رپيا وڌيڪ آهي. کنڊ جي واپار ۾ ماڻهن کي وڏو منافعو نظر اچي ٿو. پاڪستان ۾ جيڪي به وڏا وڏا نيٽ ورڪ آهن، حڪومت ڪهڙي به هجي انهن کي ڪڏهن زوال اهي ايندو، انهن مان هڪ نيٽ ورڪ کي اوهان مافيا به چئي سگهو ٿا، اوهان ان کي خاندانن سان به ڳنڍي سگهو ٿا پر جيڪو به چئو اهو وڏو طاقتور آهي، اهو ان واپار مان بلين رپيا ڪمائي ٿو. ڪجهه وقت اڳ ٻڌايو ويو هو ته پاڪستان ۾ کنڊ وڌي وئي آهي ۽ ان جي ڪري نقصان ٿيندو، ان کي برآمد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ 8 لک ٽن کنڊ اماڻي ۽ سوا سئو ارب کان وڌيڪ جي کنڊ وڪرو ڪئي. ڪجهه مهينن کانپوءِ ساڳيا ماڻهو، ساڳي حڪومت ٻڌائي رهي آهي ته کنڊ جي کوٽ آهي، تنهن جي ڪري مهانگي ٿي وئي آهي، کنڊ گهرائڻ لاءِ باقاعده بينڪن کان قرض وٺڻا پوندا آهن، ان تي ٽيڪس به لڳندا آهن، ان اگهه تي کنڊ 242 رپين تي ملندي پر ايتري مهانگي وڪرو نه ڪري سگهندا، ٽيڪس خرچ جيڪڏهن حڪومت ڀريندي ته پوءِ کنڊ جو اگهه ڪجهه گهٽ ٿيندو. خبر ناهي ڪهڙو عقلمند آهي جيڪو اها پاليسي ٺاهي ٿو، ڪجهه وقت اڳ اوهان کنڊ برآمد ڪئي، اهي ڪهڙا ڪاٿا ۽ اندازا لڳايا ويا هئا، اوهان کنڊ گهرائي ورتي 5 لک ميٽرڪ ٽن، پوءِ پنهنجي کنڊ ايندي ته پوءِ چوندا ته اها ته زيادتي ٿي وئي آهي، اسان وٽ کنڊ وڌي وئي آهي وري چوندا ته اها برآمد ڪرڻي پوندي، ان ئي چڪر ۾ جيڪو امير آهي اهو وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اهو اسڪينڊل ناهي ته خبر ناهي ڪهڙو اسڪينڊل آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. مون کي نٿو لڳي ته ڪا جاچ ٿيندي ڇو ته ڪير سبق ناهي سکي رهيو. عمران خان جي دور ۾ به کنڊ اسڪينڊل ٿيو هو پر جاچ جو ڪو کڙتيل نه نڪتو هو. عمران خان پاڻ کنڊ مافيا جي پيداوار هو پر کنڊ مافيا موجود آهي.