آئين، قانون ۽ عدالتون فقط ڏيکاءَ خاطر آهن: وسند ٿري

حيدرآباد(رپورٽر) تنگواڻي ۾ نوجوان کان ساک وٺڻ لاءِ باهه مان گذاري چرٻيلي ڪرائي ساڙي سخت زخمي ڪرڻ واري عمل جي شديد لفظن  ۾ مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجو ۽ قادر ڀٽو چيو آهي ته آئين، قانون ۽ عدالتون فقط ڏيکاءَ خاطر آهن، وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردار حڪمرانن سنڌ کي پٿر جي دور ۾ پهچائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ وحشي انسان دشمن ريتن کي جياريو ويو آهي، جديد دور ۾ به ساک لاءِ باهه مان گذارڻ وارا فيصلا جاگيرداري وحشانيت جي انتها آهن، پيپلز پارٽي وڏيرن ۽ سردارن جي سرپرستي ڪري قبائلي دهشت گردي کي هٿي ڏني آهي، عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي سرڪاري سرپرستي ۾ جرڳا ڪيا پيا وڃن، بلاول شهباز اتحادي سرڪار عدالتن کي مفلوج بڻائي سمورا اختيار ڌاڙيلن جي سرپرست سردارن کي ڏئي ڇڏيا آهن، اڳواڻن سرڪاري ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ 21 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ايوان صدر اڳيان اعلانيل ڌرڻي جي حمايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.