ٺٽو(ڊ ر) ٺٽو پوليس ٺٽي شهر جي آگر پاڙي ۾ چڙهائي ڪري ٺٽي جي مشهور صوفي فنڪار امام علي بروهي، سندس ڀاءُ نوحاخوان حيدري، سماجي سياسي اڳواڻ لياقت علي بروهي جي نوجوان پٽ شاگرد نوازعلي بروهي، رسول بخش بروهي ۽ الطاف حسين بروهي کي کنڀي گرفتار ڪري کين نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري سندن وارث سخت پريشان آھن، ان سلسلي ۾ پوليس پاران گرفتارڪري گم ٿيلن جي وارثن لياقت علي بروھي ۽ ٻين چيو ته ٺٽو پوليس جي وڏن اٽالن ڌاڙيلن جيان اسانجي گھر تي ڪاهھ ڪري ڀاءُ امام علي بروهي، نوحا خوان حيدري، پٽ نوازعلي بروهي سميت 5 ڄڻن کي بيگناھه گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جي زندگين کي خطرو آهي، ھن وس وارن کان گھر ڪئي ته فورن گرفتار ڪيل سمورن ماڻھن جي گرفتاري ظاھر ڪري کين آزاد ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين.