حڪمرانن جي ڀل آهي ته ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تي پٺتي هٽي وينداسين:اياز پليجو

مورو(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل اياز لطيف پليجو ڳوٺ بجاراڻي لغاري مورو پھچي شھيد زاھد لغاري، شھيد عرفان لغاري، فضيلا لغاري، ٻارڙي ڀَلي لغاري ۽ منير لغاري جي تعزيت ۽ زخمي دلبر لغاري جي عيادت ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي پرامن نوجوانن کي شھيد ڪرڻ ۽ درجنين ڳوٺاڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ ڳوٺ جي سماجي ۽ معاشي ناڪابندي فورن ختم ڪرڻ ۽ شھيد نوجوانن جي قتل ۾ ملوث ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرڻ، شھيدن جي وارثن کي پنج پنج ڪروڙ رپيا ڏنا وڃن ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ جيڪي ماڻھون کڻي گم ڪيا ويا آھن انھن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ھن سموري واقعي جو سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس نوٽيس وٺي ۽ سندس سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙي جانچ ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو هن چيو ته هن چيو ته  سڄي سنڌ ڏسي ته هي ڪنهن ارب پتي، ڪروڙپتي سرمائيدار يا جاگيردار جو تڏو ناهي، پر هي هڪ غريب، مسڪين، پورهيت ۽ هاري جي گهر جو تڏو آهي سنڌ ۾ بيگناهن جو رت وهائڻ بند ڪيو وڃي،  سنڌ جي ماڻھن کي سنڌو درياءَ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻو پوندو ، حڪمرانن جي اھا ڀل آھي ته اسان پوئتي ھٽنداسين پر ھن ڳوٺ جي نوجوانن جي شھادت کانپوءِ سنڌ جي ماڻھن ۾ ھڪ اتساھ پيدا ٿيو آھي ھي تحريڪ ھاڻي رڪجڻي ناھي. هن چيو ته  وفاق ۽ پنجاب جو ڪردار سنڌ لاءِ اسرائيل جھڙو آھي. سنڌ کي ھڪ طرف مال غنيمت بنائي لٽيو پيو وڃي ٻئي طرف درياھ تي ڌاڙي ھڻڻ جا منصوبا جوڙي ڪروڙين ماڻھن کي اڃ ۽ بک وگھي مارڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.