حيدرآباد(رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي جي قديمي سنڌي وسندينجو پاڻي بند ڪري ڊي ايڇ اي کي اضافي پاڻي ڏنو پيو وڃي، ڊي ايڇ اي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ ڪابينا طرفان ساڍا 10 ارب روپين جي منظوري پورهيتن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. ڊي ايڇ اي کي اضافي پاڻي ڏيڻ بدران ڪراچي جي قديمي ڳوٺن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو ته ڪراچي جي قديمي ڳوٺن کي نظرانداز ڪري ڊي ايڇ اي بحريا ٽائون جهڙين قبضاگير ڪالونين کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن، اسٽيل ٽائون سميت ڪراچي ۾ غريب مسڪين پورهيتن جي وسندين کي سهولتن کان محروم ڪيو ويو آهي، سنڌ سرڪار عوام جي ٽيڪس جا سمورا پئسا ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي ۾ وڃائي ڇڏيا آهن،