شهباز شريف حڪومت جي سوا سال دوران قرضن ۾ 11 هزار 235 ارب رپين جو واڌارو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) شهباز شريف جي قيادت هيٺ وفاقي حڪومت جي طرفان سوا سال جي عرصي دوران ورتل قرضن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جن موجب مارچ 2024 کان مئي 2025 تائين حڪومت جي مجموعي قرضن ۾ 11 هزار 235 ارب رپين جو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.اسٽيٽ بينڪ آفپاڪستان جي جاري ڪيل دستاويز موجب، مارچ 2024 کان مئي 2025 تائين وفاقي حڪومت جي مقامي قرضن ۾ 10 هزار 784 ارب رپين جو اضافو ٿيو، جڏهن ته پرڏيهي قرضن ۾ تقريباً 451 ارب رپين جو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو.ان عرصي دوران وفاقي حڪومت جو مجموعي قرض 76 هزار 45 ارب رپيا تائين پهچي ويو، جڏهن⁠ته فيبروري 2024 ۾ هي قرض 64 هزار 810 ارب رپيا هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته صرف سوا سال ۾ قرضن ۾ هڪ وڏو اضافو ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.