حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد جو ماھوار اجلاس صدر نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت ھيٺ حيدرآباد ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران زرعي انڪم ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ويو ته زرعي انڪم ٽيڪس جي شرح جي واڌ گھڻي آھي, جنھن کي سنڌ آبادگار اتحاد رد ڪري ٿو. اجلاس ۾ گوني ڪينال کي لڳل گھاري تي پڻ حيرت جو اظهار ڪندي چيو ويو ته ان جو ڪم ڪجھه وقت اڳ ئي ٿيو آهي ان باوجود ان ۾ ايترو وڏو گھارو نقصان جو سبب بڻيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي چڪا آھن. آبادگارن جا ڪروڙين روپين جا ٻج ٻڏي ويا آھن. بيٺل فصل ٻڏي چڪا آھن. جيڪي اڳ ئي مرضن ۽ پاڻي جي کوٽ سبب متاثر ٿيل ھئا. اجلاس م ڳالھائيندي آبادگارن چيو ته زراعت جي حالت مڪمل طور تي خراب آھي، آبادگار مالي معاشي طور تباھه ٿي چڪا آهن، ھر روز نوان ٽيڪس ۽ فرمائشون مسلط ڪيون پيون وڃن. جن کي قبول نه ڪنداسين. ھنن ڦٽي جي اگھه ۾ برسات جو جواز ڄاڻائي ھٿرادو طور تي گھٽ ڪرڻ تي پڻ افسوس ڪندي چيو ته آبادگار جي ھر جنس جا اگھه ھٿ وٺي ڪيرايا پيا وڃن. جيڪو ھاڻ ته معمول بڻجي چڪو آھي ڪو احتساب ئي ناھي. اجلاس ۾ سانوڻي برساتن کي نظر ۾ رکندي مطالبو ڪيو ويو ته جتي به سم نالا ۽ ڍورا کليل آھن انھن جي مرمت ھنگامي بنيادن تي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري محمد انوار ڪمبوھه، حاجي خان محمد ڪمبوھه، پيراشفاق سرھندي، عبدالحق زنئور، جاويد رياڙ، محمد شريف نظاماڻي، عبدالرحيم درس، سيف الله گل محب علي مري ۽ ميان شاداب شريڪ ٿيا.