”سنسني پکيڙيندڙ يوٽيوبرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي“

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته جن 27 يوٽيوب چينلن کي بند ڪيو پيو وڃي، انهن مان گهڻا ڀاڳوڙا آهن، جيڪي پئسا ڪمائڻ ۽ ريٽنگ وڌائڻ لاءِ سنسي خيز مواد پکيڙين ٿا، انهن خلاف فوجداري ڪارروائي به ڪئي ويندي،صحافين سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو اهي يوٽيوب وارا ڀاڳوڙا صرف ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ نفرت ڦهلائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن،انهن جا چينل بند ڪرڻ سان گڏ قانوني قدم به کنيا ويندا،هن چيو ته تحريڪ انصاف جو باني عمران خان بار بار اين آر او گهري رهيو آهي، ڪڏهن آمريڪا کان ماڻهو آڻيندو آهي، عمران خان جا اسرائيلي سالا به پريشان آهن ته هو ڇو سزا ڀوڳي رهيو آهي، عمران جا ٻار ضرور هتي اچن، ته جيئن کين خبر پوي ته سندن والد ملڪ سان ڪهڙو تماشو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.