”مريم نواز پنجاب جي عوام جا 10 کرب رپيا هڙپ ڪري چڪي آهي“

لاهور(بيورو+م ڊ) خيبرپختونخوا جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف پنجاب حڪومت تي سنگين الزام لڳائينديچيو آهي ته پنجاب حڪومت اڃا تائين 10 هزار ارب رپين جي مالي بي ضابطگين جو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام آهي، آڊٽ رپورٽ تي پنجاب حڪومت جي خاموشي لٽ مار ۽ ڪرپشن جو واضح ثبوت آهي،آڊٽ رپورٽ مريم نواز جي ڪرپشن تي مهرِ تصديق لڳائي ڇڏي آهي، مريم نواز پنجاب جي عوام جا 10 کرب رپيا هڙپ ڪري چڪي آهي،پنجاب ۾ ترقياتي منصوبا عوام جي بهتري لاءِ نه، پر صرف ڪمشن حاصل ڪرڻ لاءِ شروع ڪيا ويندا آهن، هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جي عوام کي 10 کرب رپين جو ڌوکو ڏئي سوشل ميڊيا تي ترقيءَ جا ڪوڙا دعوَا ڪيا پيا وڃن، آڊٽ رپورٽ ۾ ظاهر ٿيل اسڪينڊل رڳو هڪ سال جو آهي، باقي ڪرپشن ته ان کان علاوه آهي.

سوات سانحو:2 هيليڪاپٽر هوندي استعمال ڇو نه ٿيا؟عدالت رپورٽ طلب ڪري ورتي

پشاور(م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ سوات سانحي بابت داخل درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي،عدالتي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پرووينشل انسپيڪشن ٽيم جو چيئرمين عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن آگاهي ڏني ته 7 ڏينهن اندرجاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي ويندي،عدالت حڪم ڏنو آهي ته سانحي سوات بابت جامع رپورٽ 14 ڏينهن اندر جمع ڪرائي وڃي،اهڙيءَ ريت، عوام جي تحفظ لاءِ لاڳاپيل ادارن جي قدمن بابت به رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل کان به رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ سول اييوي ايشن اٿارٽي کي به حڪم ڏنو آهي ته اهي به رپورٽ پيش ڪن ته ٻن هيليڪاپٽرن جي موجودگي هوندي به انهن جو استعمال ڇو نه ڪيو ويو؟.

فيصل آباد ۾ڪال سينٽر فراڊ ڪيس جي شروعاتي جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف

فيصل آباد(م ڊ)فيصل آباد ۾ پڪڙيل ڪال سينٽر فراڊ ڪيس جي ابتدائي جاچ دوران وڌيڪ انڪشاف سامهون آيا آهن، جاچ مطابق هني ٽريپ ذريعي ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري رقم وصول ڪئي ويندي هئي. عورت بڻجي تصويرون موڪليون وينديون، ۽ اصرار تي وڊيو ڪال تي به عورت سان ڳالهرايو ويندو هو. جڏهن ماڻهو هني ٽريپ ۾ ڦاسجي پوندا، ته پوءِ بليڪ ميل ڪري پئسا ورتا ويندا هئا، ذريعن مطابق يورپ ۽ ٻين ملڪن کي ٽارگيٽ ڪري آن لائين ڪاروبار جون ويب سائيٽون ٺاهيون وينديون هيون، انهن ويب سائيٽن تي ٽاسڪ طور تي ڪلڪ ڪرڻ تي ماڻهن کي 1000 کان 1500 رپيا ڏنا ويندا هئا، پوءِ انهن ئي ماڻهن کان سيڙپڪاري ڪرائي ويندي هئي ۽ پوءِ نقصان ڏيکاري رقم ڦٻائي ويندي هئي، ٻئي طرف گرفتار ڪيل جوابدارن کي عدالت 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اين سي سي آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. گرفتار ٿيل ماڻهن ۾ 18 عورتون، 71 غيرملڪي سميت 149 ماڻهو شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.