پاڪ – ڀارت جنگبندي ۾ آمريڪي ڪردار نه هجڻ جي ڀارتي دعويٰ ڪوڙي قرار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاڪ – ڀارت جنگبندي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪردار نه هجڻ بابت ڀارتي دعويٰ ڪوڙي ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس صحافين کي بريفنگ ۾ چيو ته اڪثر تبصرا پاڻ پنهنجي وضاحت ڪري ڇڏيندا آهن، حقيقت ڄاڻڻ لاءِ جديد دور ۾ توهان ڪنهن هڪ تبصري تي نٿا ڀاڙي سگهو، ڪجهه ماڻهن جي راءِ غلط هوندي آهي ۽ صدر ٽرمپ ان مسئلي کي ڪافي واضح ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگبندي آمريڪا ڪرائي، آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس به ڳالهين ۾ شامل هو ۽ ان جو ڪردار تسليم ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.