سوات سانحو: ٻه هيلي ڪاپٽر هوندي استعمال ڇو نه ڪيا ويا؟ عدالت پاران رپورٽ طلب

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ سوات سانحي بابت درخواست تي لکت حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل لکت فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پراونشل انسپيڪشن ٽيم جو چيئرمين عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته 7 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ جمع ڪرائي ويندي.
عدالت حڪم ڏنو ته گڏيل رپورٽ 14 ڏينهن اندر جمع ڪرائي وڃي، عوام جي تحفظ لاءِ ادارن جي قدمن بابت به رپورٽ جمع ڪرائي وڃي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل به رپورٽ جمع ڪرائي.
عدالت طرفان حڪم ڏنو ويو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل، سول ايوي ايشن اٿارٽي رپورٽ جمع ڪرائي ته ٻه هيلي ڪاپٽر هوندي انهن جو استعمال ڇو نه ڪيو ويو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.