اسان جو واسطو نه اٿس: وارثن پاران حميرا اصغر جو لاش وصول ڪرڻ کان انڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 جي فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آيل اداڪارا حميرا اصغر جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو، جڏهن ته پيءُ سندس لاش وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب حميرا جو واسطو لاهور سان هو، سندس لاش سرد خاني منتقل ڪيو ويو آهي ۽ وارثن سان رابطو به ٿي ويو آهي پر انهن لاش وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ايس ايس پي ڏکڻ مهزور علي موجب گهر جي مالڪ کان حميرا جو نمبر حاصل ڪيو ويو ۽ سي ڊي آر ڪڍيو ويو، جنهن کانپوءِ حميرا جي پيءُ سان رابطو ٿيو پر هن ڪراچي اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
مهزور علي ٻڌايو ته حميرا جي پيءُ چيو اسان ڏيڍ سال اڳ حميرا سان واسطو ختم ڪري ڇڏيو هو، پوليس کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن انڪار ڪيو، ڪوشش ڪري رهيا آهيون گهر وارا اچي وڃن ته ڪارروائي اڳتي وڌايون، ڪوشش ڪئي ويندي ته گهر ڀاتين جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيون پر جيڪڏهن انهن انڪار ڪيو ته پوليس پنهنجي فرياد تي ڪيس داخل ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته شوبز انڊسٽري مان اڃا تائين ڪنهن پوليس سان رابطو ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.