اسلام آباد (م ڊ) سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستاني فوج اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف وڏي پيماني واري ڪارروائي لاءِ تياري ڪري رهي آهي، جنهن جا شروعاتي حڪم آرمي چيف فِيلڊ مارشل عاصم منير طرفان جاري ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مخصوص قبيلن ۽ علائقن کي چند ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي ته هو رياست سان بيهندا يا دهشتگردن سان، ڇو ته هاڻي وچ وارو رستو بند ڪيو ويو آهي. آپريشن محدود پر هدف تي ٻڌل هوندو، جتي فضائي ۽ زميني طاقتن سان چونڊيل ٽارگيٽ تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪجهه علائقن مان ماڻهن جي عارضي منتقلي جو امڪان به آهي، خاص طور تي انهن هنڌن تان جتي ماڻهو ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائي ۾ دهشتگردن جي مدد ڪندا رهيا آهن. ذريعن مطابق، جيڪي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏين ٿا، انهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ انهن سان سهولتڪارن وارو سلوڪ ڪيو ويندو. عملدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن رياست هن ڀيري مڪمل طاقت سان اڳتي وڌي، ته اهو آپريشن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪ تاريخي ڪاميابي ثابت ٿي سگهي ٿو.