اسرائيل پاران پاڪستان تي حملي جون تياريون؟

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان کان پوءِ اسرائيل به آمريڪي صدر ٽرمپ کي امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو،ابراهم اڪارڊ جي به ڳالهه هلي رهي آهي، پاڪستان جو ان ۾ ڪهڙو ڪردار هوندو؟ آمريڪا ۽ يورپ ۾ گهڻو وقت گذاريندڙ هڪ آسٽريلوي صحافي سي جي ويرلمين اسرائيل پاڪستان تي حملي جي تياري ڪري رهيو آهي،هن تل ابيب يونيورسٽيجي ٿنڪ ٽئنڪ جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايران به عراق وانگر تباهه ۽ برباد ٿي ويو ته پوءِ پاڪستان ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ نئون هدف هوندو، اڳوڻي سفير ڊاڪٽر مليحه لوڌي چيو آهي ته ٽرمپ هر جڳهه تي باهه لڳائي پوءِ ان کي وسائي امن جو داعي بڻجڻ چاهي ٿو،هن روس يوڪرين جنگ بند ڪرائڻ جي به ڳالهه ڪئي هئي،اها جنگ ته اڃا جاري آهي،غزا مان فلسطينين کي بي دخل ڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيستائين آزاد فلسطيني رياست قائم نٿي ٿئي اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ گهرجي،نيتن ياهو ٻه رياستي فارمولو رد ڪري رهيو آهي،پاڪ چائنا انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ پاڪستان تي ڪو به دٻاءُ ناهي،مشرف دور ۾ به ڪجهه ماڻهن اهڙو هُل مچايو هو،اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو مطلب ڪشمير تان هٿ کڻڻ آهي،هن چيو ته ڀارت پاڪستان تي ٻيهر حملو نه ڪندو،ڪجهه ماڻهو ڀارت حوالي ڪرڻ وارو بلاول جو بيان آيو هو،ائين نه ڪرڻ گهرجي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.