سنڌ کي ڪرپشن،ڌاڙيل ڪلچر،پاڻي کوٽ تباهه ڪري ڇڏيو:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس رھائشگاھ پرنس ٽائون قاسم آباد حيدرآباد ۾جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي ملاقات ڪري ملڪي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي ڪرپشن، ڌاڙيل ڪلچر، پاڻي کوٽ ۽ منشيات تباھ ڪري ڇڏيو آهي. ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي تباھي جا منصوبا آھن. ٿورڙي برسات نظام درھم برھم ڪري ڇڏيو آھي،هن چيو ته پ پ پ سنڌ حڪومت چاھي ھا ته سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ٿي وڃي ھا پر افسوس آھي جو اقتدار جي 18 سالن ۾ سنڌ سان خطرناڪ حشر ڪيو ويو آھي، سنڌي ماڻھو سنڌ حڪومت ۽پيپلزپارٽي مان اميد ڪرڻ بدران خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن. سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا ڪرپشن جو مرڪز بنجي ويا آھن. ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. ھڪڙا ڌاڙيل سکر، لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ ماڻھو اغوا ڪن ٿا. قتل ڪن ٿا ۽ ٻيا ڌاڙيل سنڌ جي دولت لٽي رھيا آھن. ڪرپشن ڪري رھيا آھن. وسيلن جي ڀينگ ڪري رھيا آھن،هن چيو ته 18 سالن کان ھلندڙ خراب حڪمراني سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.