صدر زرداري کي هٽائڻ جون خبرون غيرحقيقي؟

اسلام آباد (سيد طلعت حسين) اهي خبرون هلي رهيون آهن ته صدارتي نظام ۾ تبديلي اچي رهي آهي، سڪيورٽي ذريعن موجب اهڙي نه ڪا سوچ آهي، نه ئي ان تي ڳالهه ٿي آهي نه ئي ڪو منصوبو آهي، نه ئي نظام ۾ ڪا تبديلي اچڻ واري آهي، جڏهن ته اها خبر هلي رهي آهي صدر زرداري کي هٽايو پيو وڃي. خبر ناهي اهي خبرون ڪير پکيڙي رهيو آهي. انهن خبرن پٺيان ڪهڙي سازش آهي ۽ غلط فهمي ڇو پکيڙي پئي وڃي. ڀارتين جي اڪائونٽ طرفان به صدر کي هٽائڻ، آرمي چيف کي صدر بڻجڻ، 27هين ترميم آڻڻ سميت ٻيون ڳالهيون پوسٽ ڪيون پيون وڃن. ان ئي دوران اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جون به ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪي اسرائيل بابت گمراهه ڪندڙ ۽ ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهيا آهن اهي ئي صدر آصف علي زرداري کي هٽائڻ بابت خبرون پکيڙي رهيا آهن، انهن جا ئي ڪي ماڻهو آهن. اها هن وقت تائين فيڪ نيوز آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 09  جولاءِ  2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.