”زال مڙس جي ماءُ ناهي هوندي“ ناديا جميل جي پنهنجي بيان تي وضاحت جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ سماجي ڪارڪن ناديا جميل ويجڙائي ۾ مڙس ۽ زال جي رشتي بابت ڏنل بيان تي وضاحت پيش ڪري ڇڏي.
ناديا جميل انسٽاگرام تي وضاحتي پوسٽ شيئر ڪندي چيو ته منهنجي بيان کي غلط سمجهيو ويو آهي، مان اڄ به پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيان ته ”زال مڙس جي ماءُ ناهي هوندي“ ۽ زالن کي اهڙي ڪوشش به نه ڪرڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي مڙس جي ماءُ نه آهيان، منهنجي مڙس جي ماءُ حيات آهي ۽ منهنجي مڙس ڪڏهن به مون کي ماءُ جي حيثيت سان نه ڏٺو آهي.
سندس چوڻ هو ته هڪ زال ۽ ماءُ طور تي منهنجا ڪردار مختلف آهن. مان پنهنجي مڙس جو ڌيان هڪ الڳ طريقي سان رکڻ ٿي چاهيان، جڏهن ته پنهنجي پٽ جو خيال رکڻ جو منهنجو انداز مختلف آهي، هر ماڻهو جو پنهنجو هڪ ذاتي ۽ الڳ طريقو هوندو آهي.
ناديا جميل لکيو ته شادي کانپوءِ مڙس ۽ زال جو رشتو خاص هوندو آهي، اهي هڪ ٻئي جو خيال رکندا آهن، پر زال ڪڏهن به مڙس جي ماءُ نه بڻبي آهي ۽ نه ئي ان جي جاءِ وٺي سگهي ٿي.
اداڪارا وڌيڪ لکيو ته وائرل ٿيل وڊيو ڪلپ ۾ منهنجي ڳالهه کي غلط سمجهيو ويو ۽ غلط پيش ڪيو ويو، ان ڪري مون وضاحت ڪرڻ ضروري سمجهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ناديا جميل جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ هن چيو هو ته مان ماءُ طور تي پنهنجي پٽ جا ناز نخرا برداشت ڪري سگهان ٿي، پر منهنجي پٽ کي اها اميد نه رکڻ گهرجي ته سندس مڱيندي يا زال به اهي نخرا برداشت ڪندي.
ناديا جميل موجب، مڙسن کي سمجهڻ گهرجي ته زالون سندن ماءُ ناهن هونديون ۽ زالن کي به مڙسن جي ماءُ بڻجڻ جي ضرورت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.