ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان اڳ وائيٽ بال تربيتي ڪئمپ لاءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان ڊراپ ٿيندڙ سپر اسٽار ڪرڪيٽرن کي به شامل ڪري ورتو آهي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، وائيٽ بال تربيتي ڪئمپ سڀاڻي کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي، جيڪا 15 جولاءِ تائين نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جاري رهندي.
ڪئمپ لاءِ اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم، ون ڊي ٽيم جو ڪپتان محمد رضوان، فاسٽ بالر وسيم جونيئر، نسيم شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي سميت ٻيا اهم رانديگر به طلب ڪيا ويا آهن.
پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل سڀئي رانديگر اڱاري تي ڪراچي ۾ رپورٽ ڪندا، جڏهن ته وائيٽ بال ڪئمپ لاءِ سڏايل اضافي رانديگر به ساڳئي ڏينهن ڪئمپ ۾ شريڪ ٿيندا.
You might also like