نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ انڊين پريميئر ليگ( آءِ پي ايل) جي فرنچائز رائل چئلنجرز بئنگلورو (آر سي بي) جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بولر يَش ديال خلاف عورت سان جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، غازي آباد سان واسطو رکندڙ هڪ عورت يَش ديال تي جنسي استحصال جو الزام مڙهيو هو ۽ پوليس وٽ سندس خلاف رسمي شڪايت داخل ڪرائي آهي.
عورت الزام لڳائيندي چيو آهي ته ڪرڪيٽر پنج سالن جي تعلق دوران مٿس جسماني ۽ ذهني تشدد ڪيو ۽ شاديءَ جو وعدو ڪري مالي استحصال پڻ ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، جيڪڏهن الزام ثابت ٿي ويا ته ڪرڪيٽر کي ڏهه سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.