بنگلا ديش دوري لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) بنگلا ديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.
بنگلاديش خلاف پاڪستاني ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ ابرار احمد، احمد دانيال، فهيم اشرف، فخر زمان ۽ حسن نواز شامل آهن.
ان کانسواءِ حسين طلعت، خوشدل شاهه، عباس آفريدي، محمد حارث، محمد نواز، صائم ايوب، صاحبزادا فرحان، سفيان مقيم ۽ سلمان مرزا کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۽ بنگلا ديش وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 20 جولاءِ کان شروع ٿيندي.
ٻئي پاسي نويد اڪرم چيما کي ٽيم جو مئنيجر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مائيڪ هيسن هيڊ ڪوچ هوندو، ايشلي نوفڪي بالنگ ڪوچ، محمد حنيف ملڪ بيٽنگ ڪوچ ۽ شين ميڪڊرمٽ فيلڊنگ ڪوچ طور ذميواريون نڀائيندا.
پڌرائي موجب، گرانٽ لوڊن اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ڪوچ هوندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي صلاحڪار عامر مير جو چوڻ آهي ته دنيا جي ٻين ملڪن جيان پاڪستان ٽيم ۾ به نائب ڪپتان مقرر ڪرڻ جو رواج ناهي، ان لاءِ نائب ڪپتان جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.