اوٽاوا/ڪراچي (حنيف دوامي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي اسحاق کهڙي کي ظاهر طور تي ذميوار سمجهيو پيو وڃي پر هو رڳو ڊمي آهي، کيس ٻيون ڀيرو پوسٽنگ به ان لاءِ ڏياري وئي جيئن هو ڦرلٽ ڪري سگهي. هڪ صوبائي وزير جي منٿن تي کيس ٻيهر ڊي جي لڳايو ويو. ڊي جي جي چارج وٺڻ کان اڳ کيس ڪجهه شرط مڃڻا پيا. کيس اهم سياسي شخصيت جي ويجهي مصطفيٰ لغاري سان ملاقات لاءِ چيو ويو جنهن کيسهدايت ڪئي ته هو سنڌ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ئي ملازم نياز لغاري جي هدايتن موجب ڪم ڪندو. يعنيٰ ڊي جي هجڻ جي باوجود اسحاق کهڙي کي پنهنجي ماتحت ملازم جي هدايتن تي ڪم ڪرڻ جو چيو ويو، اهو شرط رکيو ويو ته 4 ارب رپيا ماهوار مٿي پهچائڻا آهن ٻيا جيڪي بچندا هو ورهائي ونڊي گهر کڻي ويندا ۽ اهي سڀ شرط اسحاق کهڙي مڃي ورتا جنهن کانپوءِ هن چارج وٺي ڪم شروع ڪيو. ان دوران ڪراچي ۾ ٽئين عمارت ڪري آهي، لياري ۾ عمارت ڪرڻ سبب 30 ڄڻا فوت ٿي ويا، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي موت ورهائي رهي آهي. ڪچين آبادين ۾ هر عمارت کان هڪ ڪروڙ ۽ هڪ اپارٽمينٽ، سٺين ڪالونين ۾ هر عمارت کان 6 ڪروڙ ۽ 2 اپارٽمينٽ ورتا ويندا آهن ۽ اهڙي ريت غيرقانوني عمارتن جي اجازت ڏئي هو 4 ارب رپيا ماهوار جو ٽارگيٽ پورو ڪري سگهندا آهن. لغاري ڀائر اهم سياسي شخصيت سان ويجها لاڳاپا هجڻ سبب سندس نالو استعمال ڪري اداري تي قبضو ڪري ويٺل آهن پر سندن خلاف اڄ تائين ڪا جوڳي ڪارروائي ناهي ٿي، رڳو کين بدلي ڪيو وڃي ٿو يا معطل ڪيو وڃي. نبيل گبول چيو ته ڊي جي اسحاق کهڙو ڊان بڻيل آهي، سندس خلاف ڪارروائي ڪريو ته مٿان فون اچي ويندي آهي، سندس سفارش ڪئي ويندي آهي.