ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ تيز رفتاري سبب پيش آيل ٽريفڪ حادثي ۾ ويگو گاڏي موٽر سائيڪل سوار ٻن نوجوانن کي ٽڪر هڻي ڪڍي،جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي نوجوانن کي شديد زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، حادثي بعد گاڏي ۾ سوار ماڻهو موقعي تان فرار ٿي ويا، جڏهن ته گاڏي جي نمبر پليٽ واقعي واري جاءِ تي ڪري پئي، ذريعن مطابق ويگو گاڏي ناليواري سماجي تنظيم جي ڊي سيجي سربراهه ظفر عباس جي نالي تي رجسٽرڊ ٿيل آهي، حادثي جي اطلاع ملندي ئي ظفر عباس پنهنجي ٽيم سان گڏ واقعي واري جاءِ تي پهچي ويو، موقعي تي موجود نوجوانن الزام هنيو ته ظفر عباس جي ٽيم ڪجهه ماڻهن کان جيڪي حادثي جي ويڊيو ٺاهي رهيا هئا، انهن جا موبائيل فون کسيا، حادثي جي اطلاع تي سمن آباد پوليس به واقعي واري هنڌ تي پهتي، جڏهن ته ظفر عباس زخمي نوجوانن کي هڪ نجي اسپتال ۾ منتقل ڪرايو، ظفر عباس جو چوڻ هو ته حادثي وقت موٽر سائيڪل سوار نوجوانن وٽ هيڊ لائٽ نه هئي، جنهن سبب ٽڪر پيش آيو، زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ انهن جو پورو علاج ڪرائبو، حادثي وقت گاڏي سندس آفيس جو هڪ ملازم برف وٺڻ لاءِ وٺي ويو هو، ٻئي طرف ڊفينس، نارٿ ناظم آباد ۽ منگهو پير جي علائقن ۾ به 3 ڌار ڌار حادثا پيش آيا.