اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ 40 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن جو انڪشاف

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ 40 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊائريڪٽر جنرل آڊٽ سنڌ جي رپورٽ موجب مالي سال 2023-24 دوران 40 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، جنهن تي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ان مبينا ڪرپشن جو نوٽيس وٺندي ان مبينا بي ضابطگين بابت جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، سيڪريٽري صحت پاران جوريل ٻه رڪني ڪميٽي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ڊپٽي سيڪريٽري صحت شامل آهن، نوٽيفڪيشن مطابق، ڪميٽي 15 ڏينهن اندر جاچ رپورٽ پيش ڪندي، ٻئي پاسي، اداري جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آڊٽ پيرا معمولي جائزي جو حصو هوندا آهن، آڊيٽر جنرل جون مشاهدي تي ٻڌل رپورٽون هر سرڪاري اداري جو لازمي حصو هونديون آهن، رپورٽون اداري جي مالي معاملن ۾ شفافيت وڌائڻ لاءِ تيار ڪيون وينديون آهن ۽ انهن مشاهدن کي حتمي بدعنواني قرار ڏيڻ وقت کان اڳ، گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقت جي ابتڙ آهي، ترجمان وضاحت ڪندي ٻڌايو ته آڊٽ پيرا کي بغير جاچ ۽ ڪارروائي جي مالي بدعنواني طور پيش ڪرڻ هڪ غير ذميوار عمل آهي، آڊٽ رپورٽ 2023-24 ۾ سال 2017-18 جي ڀرتين ۽ ٻين گذريل سالن جي معاملن بابت پيرا شامل آهن، جڏهن ته موجوده ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نومبر 2023 ۾ پنهنجو عهدو سنڀاليو آهي، ترجمان موجب، اهڙيون ڪيتريون ئي آڊٽ پيرا آهن جيڪي موجوده ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي دور کان اڳ جون آهن، اسان ذميواري جو مظاهرو ڪندي انهن سڀني پيراز جا تفصيلي جواب جمع ڪرائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.