اسلام آباد (عبدالرزاق کٽي) پاڪستان جي اعليٰ سياسي ۽ فوجي حلقن ۾ آصف علي زرداري کي صدر جي عهدي تان هٽائڻ بابت رٿا تي مشاورت جاري آهي، جنهن تحت نئين آئيني ترميم ذريعي صدر جي اختيارن ۾ واڌ ڪئي ويندي ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير لاءِ صدر جي ڪرسي جو رستو هموار ڪيو ويندو. آصف زرداري جي جاءِ تي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائڻ جو امڪان آهي، جنهن عيوض زرداريءَ کي سياسي سهڪار جاري رکڻ تي راضي ڪيو ويندو. جيڪڏهن آصف زرداري کي صدارت تان هٽايو ويو، ته ڇا هو حڪومت جي حمايت جاري رکندو؟ جواب آهي ته جيڪڏهن سندس پٽ کي وزيراعظم بڻايو ويو ته پوءِ ڇو نه ڪندو؟اها آصف زرداريءَ جو خواهش آهي ته بلاول وزيراعظم بڻجي، ۽ اها خواهش به پوري ٿيندي.ڇا اهو ضروري آهي ته مثالي وزيراعظم شهباز شريف جي صورت ۾ ئي اهو سڀ ٿئي؟ ڇا بلاول اهو ڪم ڪندو؟ جواب آهي، ڇو نه!هن ڀيري کيس آمريڪا ۽ يورپ جي دوري تي موڪليو ويو ته جيئن پاڪستان جو سٺو چهرو پيش ڪري سگهجي، ۽ هو ان امتحان مان ڪامياب نڪتو، پر اڃا هڪ امتحان باقي آهي.ڇا ن ليگ، جيڪا خاص اجلاس کانپوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ سادي اڪثريت ماڻي چڪي آهي، بلاول کي وزيراعظم تسليم ڪندي؟جواب آهي ته ٻنهي ڌرين جا ڪرپشن فائل ايترا وڏا آهن جو جيڪي چوندو، اهي ڪندا.ان سلسلي ۾ نواز شريف ۽ ن ليگ جي حمايت به ممڪن نظر اچي ٿي، ڇو ته سياسي ڌرين تي ڪرپشن جا ڪيس دٻاءُ طور استعمال ڪيا پيا وڃن. بهرحال، فيصلو نواز شريف ئي ڪندو. سندس ڌيءَ پنجاب ۾ بااختيار وزيراعظم وانگر ڪم ڪري رهي آهي، کيس وڌيڪ ڇا کپي؟آمريڪا سان ٿيل ڳجها معاهدا ۽ علائقائي حالتن جي روشني ۾ پاڪستان جي سياسي ڍانچي کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ تي غور ٿي رهيو آهي. جنرل مشرف جي دور جهڙو ماڊل پيش ڪرڻ لاءِ 27هين آئيني ترميم آڻڻ تي غور آهي، جنهن تحت صدر کي طاقتور بڻائي، وزيراعظم جي حيثيت علامتي رهندي. اهڙي نظام تحت فيلڊ مارشل نمايان هوندو، جڏهن ته قومي حڪومت قائم ڪرڻ، پي ٽي آءِ کي ٽوڙڻ ۽ موجوده حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي هلائڻ جو منصوبو به ترتيب ڏنو ويو آهي. آمريڪي صدر سان فيلڊ مارشل جي ملاقات دوران ڪيترن ئي علائقائي ۽ دفاعي معاملن تي اعتماد حاصل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ آمريڪا ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان کي اڳتي رکڻ شروع ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آئين ۾ تبديلي، 18هين ترميم جا نڪتا واپس وٺڻ، ۽ قومي سطح تي نئين حڪومتي ڍانچي لاءِ ماحول تيزي سان تيار ڪيو پيو وڃي. في الحال، اقتداري ايوانن ۾ هلچل جاري آهي، ۽ ايندڙ ڪجهه هفتا پاڪستان جي سياسي منظرنامي لاءِ نئين رخ جو تعين ڪري سگهن ٿا.
ڪئنال رٿا: ڊي جي آءِ ايس آءِ جي بريفنگ ايوان صدر مان ڪنهن ليڪ ڪئي؟
اسلام آباد(فخر دراني)صدر آصف علي زرداري،وزيراعظم شهبازشريف ۽ فيلڊ مارشل موجوده نظام جا ٽرائيڪا آهن،انهن مان هڪ به وڃي ٿو ته پوءِ موجوده نظام شايد قائم نه رهي سگهي،صدر زرداري جو هڪ پيج وارو صفحو ڪٿان ڦاٽو؟ان جي شروعات جولاءِ 2024ع ۾ ٿي،تڏهن ايڊوجنٽ جنرل عاصم ملڪ(موجوده آءِ ايس آءِ سربراهه)،آرمي جي انجنيئرنگ ڪور جي ميجر جنرل ۽ هڪ ٻئي جنرل ايوان صدر ۾ هڪ بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي،ان بريفنگ ۾ رڳو ٻه سويلين صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي شامل هئا،ان بريفنگ ۾ سنڌ ۾ ٻن ڪئنالن،ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ هڪ هڪ ۽ پنجاب ۾ ٻن ڪئنالن سميت ڇهن ڪئنالن بابت بريفنگ ڏني وئي جن ۾ گريٽر ٿل ڪئنال ۽ چولستان ڪئنال شامل آهن،ان بريفنگ ۾ ٿل ۽ چولستان ڪئنالن تي وڌيڪ زور ڏنو ويو پر انهن ٻنهي ڪئنالن تي سڀ کان وڌيڪ اعتراض اٿاريو ويو ۽ چيو ويو ته ان سان سنڌ جي پاڻي جو حصو گهٽجي ويندو،ان بريفنگ کانپوءِ سنڌ ۾ آهستي آهستي احتجاج شروع ٿي ويو،قومپرستن جي شموليت کانپوءِ سنڌ ۾ باقاعده تحريڪ شروع ٿي وئي،بعد ۾ ان رٿا کي ڪنڊائتو ڪيو ويو،ذريعن موجب قومپرستن کي ايوان صدر مان اها رٿا ليڪ ٿي ملي،جيترا به قوم پرست هئا ان سڀني کي ان بريفنگ جا تفصيل معلوم هئا،چيو پيو وڃي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان رٿا کي ليڪ ڪري اهو منصوبو روڪرايو ويو آهي،ان ڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ ايوان صدر وچ ۾ هڪ صفحي واري معاملي تي ڏار پئجي ويا آهن،ان سسلسلي ۾ زين شاهه،اياز لطيف پليجو ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي سان به رابطو ڪري موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو،جڏهن ته پ پ قوم پرستن کي اڳتي ڪري اهو منصوبو ته روڪرائي ڇڏيو آهي پر آخرڪار ان ۾ پ پ کي سياسي طور نقصان به پهتو آهي،سنڌ اسيمبلي مان ڪئنالن خلاف ٺهراءُ سان معاملو وڌيڪ خراب ٿيو،
صدر زرداري استعيفيٰ نه ڏيندو،صدارتي نظام لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل
اسلام آباد(عاصمه شيرازي)اڄڪلهه صدر آصف علي زرداري کي عهدي تان هٽائڻ جي حوالي سان ميڊيا ۾ وڏو هُل متل آهي ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر بڻجڻ جي حوالي سان خبرون اچي رهيون آهن پر سوال اهو آهي ته فيلڊ مارشل ڇو صدر بڻجڻ چاهيندو؟ ڇا پاڪستان ۾ صدارتي نظام اچي رهيو آهي؟ صدارتي نظام لاءِ به آئين ۾ تبديلي لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهرجي،ڪهڙي سياسي پارٽي آهي جيڪا ان نظام جي حمايت ڪندي؟ هڪ صورت اها ٿي سگهي ٿي ته ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪيو وڃي يا پوءِ ڪئنالن جي معاملي تي ماڻهن کي ٻيهر روڊن تي آندو وڃي،ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ لاءِ به ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت پارليامينٽ ۾ گهربل هوندي اهو ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ گڏجي نئين ترميم آڻين،حيرت ٿيندي آهي جڏهن ملڪ جا ناليوارا صحافي ۽ اينڪر به صدر زرداري کي هٽائڻ واري ڳالهه سان سهمت ٿين ٿا ۽ ان لاءِ دليل ڏئي رهيا آهن،اهو هڪ شوشو ڇڏيو ويو آهي جيئن هن نظام مان پ پ کي مائنس ڪيو وڃي،اهو به سوچڻ گهرجي ته ڪنهن جي چوڻ تي اهڙي قسم جون خبرون مارڪيٽ ۾ ڇڏيون پيون وڃن،اهو نڪتو به اهم آهي ته ڇا آصف علي زرداري صدارت تان رضاڪاراڻي نموني استعيفيٰ ڏئي سگهي ٿو؟ هو شڪست تسليم ڪرڻ وارن مان ناهي،هن ماضي ۾ به ميموگيٽ اسڪينڊل تي اسٽيبلشمينٽ جي سخت دٻاءُ باوجود استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو،
بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ تائين زرداري استعيفيٰ نه ڏيندو:تجزئي نگار
اسلام آباد(مزمل سهروردي)تجزئي نگار رضوان رضي چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري استعيفيٰ نه پيو ڏئي،جيستائين بلاول ڀٽو وزيراعظم نٿو بڻجي آصف زرداري استعيفيٰ نه ڏيندو،صدر کي هٽائڻ ۽ نوازشريف جي عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ امڪاني ملاقات جي حوالي سان خبرون هلائي سياسي قوتن وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪم ٿي رهيو آهي،ان قسم جون خبرون پي ٽي آءِ پاران هلايون ويون آهن،اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پاران صدر کي ڌمڪي ڏني وئي هجي ته توهان کان استعيفيٰ وٺي به سگهجي ٿي،هن چيو ته ن ليگ ننڍين اتحادين سان گڏائي سادي اڪثريت ۾ اچي وئي آهي،اها ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ پ پ جي محتاج آهي،سادي اڪثريت لاءِ محتاج ناهي،هن چيو ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ قربتون ٿي رهيون آهن پر ”اباجي“ نه مڃيندو،”اباجي“ وٽ ڪيترائي ويگو ڊالا آهن،في الحال اباجي جو موڊ اهو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ واري شادي ئي برقرار رهندي،اباجي کي ان ڳالهه تي سخت ڪاوڙ آهي ته بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڀارت اسان سان سهڪار ڪري ته اسان حافظ سعيد کي ڀارت حوالي ڪري سگهون ٿا،