لنڊن (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي پنهنجي بي سُري آواز ذريعي شهرت ماڻيندڙ چاھت فتح علي خان ميوزڪ ۽ ايڪٽنگ اڪيڊمي قائم ڪري ڇڏي.
لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چاھت فتح علي خان جو چوڻ ته هن ايڪٽنگ ۽ ميوزڪ جي سکيا لاءِ هڪ گڏيل اڪيڊمي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جتي نون فنڪارن ۽ گلوڪارن کي اڳتي آڻڻ لاءِ تياري ڪئي ويندي.
چاھت فتح علي خان چيو ته ٻه سال اڳ هڪ فلم ۾ ڪم ڪيو هو، جيڪا ”ڊارلنگ“ نالي سان هلندڙ سال جي آخر تائين پاڪستان ۾ رليز ڪئي ويندي.
هن چيو ته اڪيڊمي کولڻ جو مقصد اهو آهي ته نون فنڪارن کي ميدان ۾ آندو وڃي، ڇاڪاڻ ته الله مون کي موسيقي ۽ ماڻهن کي تفريح ڏيڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي.
چاھت فتح علي خان چيو ته اداڪاري سکڻ لاءِ سڀ کان پهرين لهجي ۽ ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ ضروري آهي، پنجابي، اردو ۽ انگريزي چڱيءَ طرح اچڻ گهرجي، جڏهن ته فلمساز پاڻ گلوڪارن ۽ اداڪارن لاءِ مون سان رابطو ڪندا.
چاھت فتح علي خان اِهو ناهي ٻڌايو ته اڪيڊمي ڪٿي کولي آهي.
ياد رهي ته چاھت فتح علي خان نورجهان جي مشھور گاني ”بدو بدي“ جو ريميڪ ٺاهڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وائرل ٿيو هو، هو اڪثر مٿس بي سُري آواز ۽ انداز سبب تنقيد ٿيندي رهندي آهي، پر سندس مزاحيه انداز کي ڪيئي ماڻهو پسند پڻ ڪن ٿا جنهن جو اندازو سوشل ميڊيا تي سندس فالوورز مان لڳائي سگهجي ٿو.