ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ڏکڻ بنگال ۾ زال نشئي مڙس کي ڏنڊن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڏکڻ بنگال جي علائقي سداگونٽي پاليا سان واسطو رکندڙ 42 ورهين جو انجينيئر زال سان جهيڙي کانپوءِ ننڊ دوران دم ڏئي ڇڏيو.
زال پوليس کي ڏنل بيان ۾ پنهنجي دفاع ۾ مڙس تي تشدد ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.
ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ موجب اِهو افسوسناڪ واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ پيش آيو، ڀاسڪر نالي همراهه گذريل ٻن مهينن کان پنهنجي گهرڀاتين کان پري پنهنجي محبوبه گهريلو ملازمه سان گڏ رهندڙ هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 27 جون جي رات ڀاسڪر تمام گهڻي نشي جي حالت ۾ گاڏي جا ڪاغذ کڻڻ لاءِ پنهنجي گهر پهتو، جتي زال شروتي کيس نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻنهي جي وچ ۾ بحث مارڪٽ ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن دوران ڀاسڪر زال تي تشدد ڪيو ۽ ڌيئرن کي گهر مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي.
پنهنجي بيان ۾ شروتي پوليس کي ٻڌايو ته مڙس جي مارڪٽ کان بچڻ لاءِ هن ڏنڊي جو استعمال ڪيو ۽ کيس ڪٽڪو ڏنو، ان کانپوءِ ۾ مڙس کي سمھارڻ ۾ مدد پڻ ڪئي، پر جڏهن ٻئي ڏينهن صبح جو ڌيئرون پيءُ کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ڪنهن به قسم جو ردعمل نه ڏنو.
شروتي دعويٰ ڪئي ته ڀاسڪر انهيءَ رات غسل خاني ۾ تِرڪي ڪِري پيو هو.
ٻئي پاسي پوليس شروتي جي دعويٰ کي رد ڪندي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلي ڇڏيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڀاسڪر کي موت کان اڳ سخت صدمو رسيو هو.
You might also like