ڪراچي:گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي پنهنجي ئي گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙ جوابدار کي جنم ٽيپ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مقامي عدالت گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي پنهنجي ئي گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙ جوابدار کي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اولهه گهر وارن کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار ذاڪر احمد کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پراسيڪيوشن موجب، جوابدار 2022ع ۾ پنهنجي ئي گهر ڌاڙو هنيو هو ، جنهن جو ڪيس ڊاڪس ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو.
پراسيڪيوشن جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ پريڊ دوران شاهدن جوابدار کي سڃاڻپ ڪري ورتو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.