دنيا مئي ۽ جون 2025 دوران گھڻي ٻڏتر جو شڪار رھي هئي. پهرين هندستان ۽ پاڪستان ۾ چار ڏينهن (7-10 مئي) تائين هڪ سخت فوجي ٽڪراءُ ٿيو، ان کان اڳ جو هي فوجي ڇڪتاڻ مڪمل ۽ امڪاني طور تي ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿئي، ٻنهي وڙھندڙ ملڪن تي اثر رکندڙ ملڪن، خاص طور تي آمريڪا جي بروقت ٽياڪڙي سان هڪ خوفناڪ جنگ جو خطرو ٽري ويو. بهرحال، ان کان فوري پوءِ ايران ۽ اسرائيل ۾ جنگ شروع ٿي، جيڪا ٻارهن ڏينهن (13-24 جون) تائين هلي ۽ صدر ٽرمپ جي غير متوقع مداخلت جي نتيجي ۾ ختم ٿي وئي. ٻنهي جنگين ۾ ٿيندڙ انساني ۽ مالي تباهي جو تفصيل سامهون اچي چڪو آهي. ڪجهه حقيقتون اھڙيون آهن جن تي بحث ڪرڻ ۽ اھا ڳالھھ سامھون آڻڻ ضروري آهي ته ٻنھي مختصر جنگين ۾ دنيا لاءِ ڪهڙو پيغام لڪيل آھي.
هندستان پاڪستان فوجي ٽڪراءُ دوران، ٻنهي ملڪن پنهنجن دوست ملڪن کان جنھن پيماني جي مدد جي توقع ڪئي ھئي اھا پوري نھ ٿي.ايران، اسرائيل جنگ ۾ لڳ ڀڳ اھا ئي صورحال رھي. اسرائيل کي اولھھ ملڪن مان جنھن غير مشروط مدد ۽ سھڪار جي توقع ھئي،اھا نھ ملي سگھي. آمريڪا ان جي عملي فوجي مدد ضرور ڪئي.پر جنگبندي ۽ ايران تي حملن کي روڪڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ دٻاءُ بھ آمريڪا ئي وڌو. ساڳئي طرح، ايران کي اميد هئي ته آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ، روس ۽ چين عملي فوجي مدد فراهم ڪندا، پر ان جي اميد بھ پوري نه ٿي سگهي ۽ انھن ٻنهي ملڪن ايران جي سياسي ۽ سفارتي مدد فراهم ڪرڻ کان وڌيڪ اڳتي وڌڻ کان پاسو ڪيو.غور ڪرڻ گهرجي ته دنيا جي وڏن ملڪن ذڪر ڪيل ٻن تڪرارن ۾ ايترو محتاط رويو ڇو اختيار ڪيو؟ ان جو مکيه سبب اهو آهي ته دنيا گذريل 20 سالن ۾ خاص طور تي تبديل ٿي چڪي آهي. اها هاڻي هڪ معاشي يونٽ جي صورت اختيار ڪري رهي آهي جنهن جون سياسي گهرجون گذريل سرد جنگ جي دور کان گھڻيون مختلف آهن. دنيا ۾ آيل ان انقلابي ۽ بي مثال معاشي تبديلي جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته 2005 ۾ ڪل عالمي جي ڊي پي صرف 47.81 ٽريلين ڊالر هئي، جيڪا 2025 ۾ وڌي 113.81 ٽريلين ڊالر ٿي وئي آهي. ان ۾ ترقي پذير ملڪن جي اڀرندڙ معيشتن جو حصو 46.93 ڊالر آهي، جڏهن ته ترقي يافته ملڪن جو حصو 66.87 ٽريلين ڊالر آهي.
تيز رفتار معاشي ترقي ۽ ھڪ ٻئي تي ڀاڙڻ جي ضرورت ملڪن جي قومي ترجيح کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. معاشي سيڪيورٽي ۽ پائيدار ترقي هاڻي انهن جي پھرين ترجيح بڻجي چڪي آهي. تيل جي دولت سان مالا مال عرب ملڪ ڄاڻن ٿا ته انھن جي قدرتي ٻارڻ جا محفوظ ذخيرا جلد ختم ٿيڻ وارا آهن ۽ متبادل توانائي تيزي سان ان جي جاءِ وٺي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو انهن اڀرندڙ معيشتن ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ٽريلين ڊالر جي سيڙپڪاري شروع ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري ھاڻي اھي هاڻي علائقائي تڪرارن ۽ جنگين جو سڌو سنئون ڌر بڻجڻ جي خطري کڻڻ لاءِ تيار نه آهن. جيڪڏهن آمريڪا اڄ دنيا ۾ امن چاهي ٿو ته ان جا سبب سياسي کان وڌيڪ معاشي آهن. سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات آمريڪا ۾ 3200 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن ايران اسرائيل جنگ پکڙجي ها ته نار رياستون به ان ۾ ڦاسي وڃن ها ۽ آمريڪا ۾ عربن جي ڳري سيڙپڪاري رڪجي وڃي ھا. جنهن جي هن وقت انھن کي سخت ضرورت آهي. انهن عنصرن کي نظر ۾ رکندي، آمريڪا نه رڳو ٻنهي ملڪن ۾ جنگ کي ڊگھي ٿيڻ کان روڪيو،بلڪھ آمريڪي صدر جنگ بندي جي عمل جي معمولي ڀڃڪڙي تي اسرائيل کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.جن لفظن سان ھن ان کي لتاڙيو ان جو ورجاءِ نٿو ڪري سگھجي. 21 هين صدي جي جديد دنيا ۾، معاشي سلامتي وڌيڪ اهميت اختيار ڪندي پئي وڃي. جنهن جي فطري گھرج آهي ته دنيا جي هرخطي ۾ امن هجي،ورثي ۾ ملندڙ 20 هين صدي جي علائقائي تڪرارن کي جنگين ۾ تبديل ٿيڻ نھ ڏنو وڃي، ڪنهن ايڊونچر جي ڪري جنگ جا شعلا ڀڙڪي پون ته انهن کي فوري طور تي ٿڌو ڪيو وڃي ۽ پاڻ ان جو حصو نه بڻجي.معاشي يونٽ ۾ تبديل ٿيندڙ دنيا جي ملڪن ۾ ان ڳالھھ تي اتفاق پيدا ٿيندو پيو وڃي.ته انتها پسند سوچ، ڀلي اها ڪهڙي به عنوان يا انداز ۾ هجي، ان خلاف هر قيمت تي مزاحمت ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته ان فڪر سان انتها پسندي کي جنم وٺي ٿي، جيڪا اڪثر ڪري دهشتگردي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ خطرو بڻجي ويندي آهي.انهن ٻن مختصر جنگين دنيا جي ملڪن کي پيغام ڏنو آهي ته اهو دور هاڻي گذري رهيو آهي جڏھن معيشيت، سياست جي تابع ھئي. ھاڻي ارتقائي عمل جو اھو موڙ اچي ويو آھي جتي واپار ۽ معيشيت جي گھرج، سياست ۽ پرڏيھي لاڳاپن جي رخ جو تعين ڪندا.ان اھم پيغام کي جلد سمجھي وٺڻ ۾ وڏو فائدو آھي.